ڪراچيءَ جو قيدي!

(حصو پهريون)

دلبر ڏيرو نالي قيدي جي اڃا بُک هڙتال جاري آهي، هُن جو مطالبو اهو آهي ته سپاهي منٺار مهر جي ڊيوٽي وارڊ مان هٽايو ۽ ٽپي ۽ منڇي يونس پٺاڻ کي به وارڊ مان شفٽ ڪيو ۽ دلبر کي بند وارڊ مان ڪڍي ساڳي بيرڪ ۾ بند ڪيو وڃي. مشقتي ٻڌايو ته ڊاڪٽر دلبر جو بلڊپريشر چيڪ ڪرڻ لاءِ آيا هئا، جيڪي ويندي ويندي هُن لاءِ چئي ويا آهن ته اڃا 2 ڏينهن هلي ويندو ۽ انهن جي جواب ۾ دلب رڳو مرڪي رهيو هو. ياد رهي ته دلبر منهنجو اڻڏٺو دوست ۽ ڀاءُ آهي، ڪامريڊ دلبر ڏيرو ۽ عبدالستار شر مون ڏي اخبار وغيره روانو ڪندا هئا ۽ آئون به انهن پيارن دوستن کي ڪتاب وغيره موڪليندو هئس. اهي پاڻ پوليس جا سپاهي هئا پر جسقم ۽ سنڌ جي عشق ۾ انهن تي مهاجر ۽ پنجابي سامراج خون جي ڏوهه جھڙا سنگين ڪيس لڳرائي ڇڏيا. وڏي ڏکيائيءَ سان آچر جو ڪارو ۽ بند ڏينهن گذريو آهي، تمام گھر ڀاتين جي ڏاڍي ياد ستائي رهي آهي. ڪنوار ٻوٽيءَ جا پن به منهنجا منتظر آهن، جنهن کي مون وٽامن اِي ۽ مائسچرائزر طور استعمال ڪرڻ لاءِ گھرايو آهي. اهي اهي پتا آئون اڪثر استعمال ڪندو آهيان. (19 اپريل 2023، رات جا 09:36). هينئر بسم الله کولي نمبر 5 مان فجر جي ٻانگ ڏئي رهيو آهي ۽ آئون سحري ڪرڻ کان پوءِ پنهنجا ڪپڙا وغيره ڌوئي اچي ڊائراي لکي رهيو آهيا. وقت صبح جا 04:47 ٿي رهيا آهن. اڄ مون پاڻي استعمال ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي بالٽي ۾ اسٽاڪ به ڪري ڇڏيو آهي جيڪا ڳالهه انهن طالبانن کي بلڪل به نٿي وڻي. هو پنهنجي ٻوليءَ ۾ هڪ ٻئي کي چيئ رهيا آهن ته هن جي کوليءَ مان لاڳيتو پاڻي ڪرڻ جو آواز اچي رهيو آهي ۽ ٿانون ڀري رهيو آهي. هي هڪڙو ماڻهو ايترو پاڻي ڇا ڪندو؟ هو اهو سمجھن ٿا ته آئون انهن جي ٻولي پشتو نٿو سمجھان پر اهو انهن جي خبر ناهي ته آئون رڳو پشتو سمجھندو ئي نه پر مون کي ان ٻوليءَ باقاعدي عبور حاصل آهي، ڇو جو آئون وڌ کان وڌ انهن پٺاڻن جي ننڍپڻ کان ئي انهن جي ويجھو رهيو آهيان، آئون عام پٺاڻن کان سواءِ مسعودن جي ٻولي به سمجھندو آهيان ڇو جو زوهيب، اعجاز، آصف ۽ فرحانه به مسعود ئي هئا جيڪي منهنجي ننڍپڻ جا دوست ۽ ساٿي آهن، خير انهن ڏينهن تي پوءِ ڪڏهن ڳالهائينداسين. پهريان اڄ جي ڳالهه ٿا وٺون. هي جهادي قيدي پاڻي رات جو 03:00 وڳي کان صبح 05:00 وڳي تائين ئي هلائيندا آهن، جنهن مان رڳو اُهو قيدي ئي فائدو وٺندو آهي جيڪو رڳو تهجد ۽ فجر جي نماز جي لاءِ اٿندو آهي.(جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل ڪراچي

صحيح جاءِ تي

اوهان جو قدر!

ھڪ پوڙھي پيءُ پنهنجي پٽ کي تمام گهڻي پراڻي گھڙي ڏيندي چيو ته پٽ ھيءَ گھڙي جيڪا تنهنجي ڏاڏي مون کي ڏني ھئي جيڪا ٻه سئو سال پراڻي آهي پر ان کان پھريان جو ھيءَ گھڙي مان تو کي ڏيان پھريان گھڙين جي دڪان تي وڃي ھن گھڙي جي قيمت پڇا ڪري اچ، ڇو ته مان چاهيان ٿو ته ان کي وڪرو ڪري ڏسون ته ھن جي قيمت ڪيتري ٿي ٿئي؟ پٽ پنھنجي پيءُ جي چيو مڃي گھڙين جي دڪان تي ويو قيمت پڇا ڪري واپس اچي پيءُ کي چيائين ته دڪاندار ان جي قيمت پنج ڊالر لڳائي آهي، پيءُ ھن کي چيو ٺيڪ آهي، ھاڻي ان کي تون ميوزيم تي کڻي وڃ ۽ ان جي قيمت معلوم ڪري اچ، ڇوڪرو گھڙي ميوزيم کڻي ويو جڏھن اتي قيمت پڇا ڪئي ته حيران ٿي ويو ۽ واپس اچي پنھنجي پيءُ کي چيائين ته بابا ميوزيم وارن ته گھڙي جي قيمت ڏھ لک ڊالر ٻڌائي آهي، تنھن تي پيءُ چيس ته پٽ آءُ توکي اھو ئي ته ٻڌائڻ پيو چاهيان ته صحيح جاءِ تي اوهان جو قدر ھوندو آھي. پنهنجو پاڻ کي غلط ۽ منافق ماڻهن جي ھٿن ۾ نه وڃڻ ڏيو، جنهن کي اوهان جو قدر ۽ قيمت جي خبر نه ھجي، بعد ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ بدران بھتر آهي ته پھريان سوچي سمجهي صحيح ماڻهن ۽ سچي دوستن جي صحبت ۾ رھو جنهن کي اوهان جي قيمت ۽ اھميت جي خبر ھجي.

ثقلين حيدر/ رتوديرو

واهي پانڌي ۾ منشيات جو سرعام وڪرو ۽ خاموش انتظاميا!‎‎

واهي پانڌي ۾ منشيات جو سرعام وڪرو جاري و ساري آهي، سموري سنڌ ۾ منشيات ڪيترائي گهر اجاڙي ۽ تباهه ڪري ڇڏيا آهن. موالي رات جو نشي ۾ ڌت ٿي اسپتال عملي ۽ رات جو ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريضن توڙي شهرين کي تنگ ڪندا آهن واهي پانڌي ۾ نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، هتي منشيات وڪرو ڪندڙ خلاف ڪير به ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي ڇاڪاڻ ته هي موت جا سوداگر، پنهنجي ڪاري ڪمائيءَ جو هڪ حصو خاص ماڻهن تائين پڻ پهچائين ٿا، جنهن جي ڪري به انتظاميه اهڙي ڪڌي ڪاروبار ۽ انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ عمل جي خلاف انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي بڻيل آهي. اسان جو ايس ايس پي دادو ۽ وس وارن اعليٰ اختيارين کان مطالبو آهي ته واهي پانڌي ۾ منشيات وڪرو ڪندڙ عنصرن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪري هتان جي نوجوان نسل کي بچايو وڃي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

پھريان گذريل سال جي بجيٽ جو حساب ته ڏيو!

جون جو مھينو نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ جو مھينو آهي، جنهن ۾ ايندڙ سڄي سال ۾ پئسا گڏ ڪرڻ ان مان پگھارون ڏيڻ کان وٺي قرضن جي ادائيگيءَ سميت ترقياتي ڪمن، ھنگامي حالتن لاءِ فنڊز رکڻ سميت سمورن ترقياتي ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ فنڊز رکڻ جو اندازو لڳايو ويندو آهي، بجيٽ حقيقت ۾ صرف انگن اکرن جي ھيراڦيريءَ جو نالو آهي، جيڪو ملڪ جي اڪثريتي عوام کي سمجھ ۾ ڪو نه ٿو اچي، ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته نئين بجيٽ پيش ته ٿيندي پر پھرين گذريل مالي سال ۾ پيش ڪيل بجيٽ ڪٿي ۽ ڪيئن ۽ ڪنهن خرچ ڪئي، جو حساب ڪتاب ٿيڻ گهرجي. اھو سمورو حساب ڪتاب پبلڪ ٿيڻ گھرجي ڇو ته اڪثر ڏٺو اهو ويو آهي ته سڻڀن کاتن جھڙوڪ آبپاشي، تعليم ۽ بلديات جي بجيٽ ته سال ختم ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي خرچ ٿي وڃي ٿي، ڇو ته ان ۾ سڀ ڀائيوار ھوندا آهن پر ڪافي شعبن جي بجيٽ ليپس ٿي ويندي آهي ڇو ته ان لاءِ اسان جي نمائندن وٽ ڪا به منصوبابندي ڪو نه ھوندي آهي ۽ پئسا واپس ھليا ويندا آهن ۽ اھي بچيل پئسا ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ شامل ھوندا آهن الائي نه! ٻيو الميو اھو به ھوندو آهي ته پئسا سڄو سال خرچ نه ٿيندا آهن ته اھي وري بجيٽ واري مھيني ۾ اڪائونٽ مان ڪڍرائي اڻڄاتل جڳھن تي خرچ ڪيا ويندا آهن ۽ ڪاغذن ۾ ٻڌايو ويندو آهي ترقياتي بجيٽ سان ھي فلاڻا منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن، ھجڻ ته اھو گهرجي ته ھر شعبي جي بجيٽ ۽ يوسي سطح تي خرچ ڪيل بجيٽ جو به حساب ڪتاب ٿيڻ گھرجي، جيستائين اھو حساب ڪتاب عوام تائين نه پھچندو تيستائين بجيٽ جيڪا عوام جي محنت ۽ پگهر جي پئسي سان گڏ ٿئي ٿي ان کي مال غنيمت جيان لٽبي رھندي ۽ اصل حقدارن کي پنهنجو جائز حق نه ملندو. سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ گذريل سال واري بجيٽ جو به حساب ڪتاب ڏنو وڃي.

شھزاد علي ڪٻر/ڳوٺ باگووداداڻي، ٽنڊوآدم

“مداخلت” ھڪ سنگين سماجي مسئلو!

(حصو پھريون)

جھڙيءَ ريت ھر سوال اندر ان سوال جي جواب ڳولڻ لاءِ پڻ ڪا نشاني ضرور لڪيل ھوندي آهي، ساڳي طرح لفظ “مداخلت” ۾ پڻ کوڙ نه سمجهه ايندڙ سماجي لقائن سان سلھاڙيل سوالن جا جواب موجود آهن، جيڪي اڄوڪي لکڻي جي ھن حصي ۾ زير غور آهن. “مداخلت” نه فقط ھڪ لفظ جي حد تائين پر ان کان به اڳتي “مداخلت ڪرڻ” ھلندڙ دور جو اھم سماجي مسئلو بڻيل آهي، جنهن کان آجو گھڻي ڀاڱي سماج جو ڪو به فرد ناهي. ھڪ پاسي ڪٿي نه ڪٿي پاڻ سڀ ڪنهن نه ڪنهن قسم جي “مداخلت” جو شڪار ضرور ٿيندا رهون ٿا ته ٻئي طرف پاڻ به ٻين جي ذاتي زندگي کان وٺي ھر قسم جي معاملن ۾ خدا ڪارڻ مداخلت ڪرڻ جو بنيادي ڪارڻ بڻيل ھوندا آهيون، خدا ڪارڻ مداخلت مان مراد پاڻ اڪثر بنا ڪنهن ضرورت ۽ بنا ڪنهن آڇ باوجود ايندي ويندي، اٿندي ويھندي، پرائي معاملن جو فڪر ايئن ڪرڻ لڳندا آھيون ڄڻ پاڻ پنهنجا سمورا مسئلا، پريشانيون، سخت محنت ۽ عقل جي هاڪاري استعمال سان ختم ڪري ڇڏيا ھجن ۽ ھاڻ باقي اھا ذميواري وڃي بچي آهي ته جتي پنهنجي ڳالھائڻ ۽ اجائي مفت مشوري ڏيڻ جي ڪا کوٽ ئي محسوس نه ڪئي پئي وڃي، اتي به وقت جي پابندي سان پھچي ماڻھن جي ذاتي معاملن ۾ دخل اندازي ڪرڻ جا فرض انجام ڏيندي سندن جيئڻ جنجال بڻائي ٿا ڇڏيون ته ڪڏهن وري اھڙي قسم جي سوچ سان پاڻ پڻ منهن مقابل ٿيون ٿا. دراصل پنهنجي زندگيءَ ۾ سڌارو آڻڻ، پنھنجي ذاتي توڙي سماجي ذميوارين وغيره کان مڪمل ڪن لاٽار ڪري رڳو ٻين جي معاملن ۾ ڄنگھ اڙائڻ سان سماج غيريقيني واري صورتحال جو شڪار ٿيڻ سبب ھر طرف نفرتون وڌي وڻ ٿي وينديو آهن ۽ نتيجتن ھر سماجي عنصر پنهنجو فرض بھتر نموني انجام ناهي ڏئي سگھندو. عالمي سطح کان وٺي پنهنجي ذاتي زندگين تائين ان مداخلت ڪرڻ واري تسلسل تي غور ڪرڻ سان اھا ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته دنيا اندر کوڙ فسادن جو ڪارڻ پڻ ڪنهن نه ڪنهن ٻاھرين ڌر جي ٻين جي معاملن ۾ غيرمناسب مداخلت ئي رھي آهي. جنهن جي ڪري ٻن ملڪن کان وٺي ٻن ڀائرن تائين ان ٻاھرين مداخلت سندن لوڻاٺيل لفظن جي تيرن سميت ڪٿي ته وري مورڳو ھٿيارن جا منهن ھڪ ٻئي ڏانهن سڌا ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ افسوس، ان “مداخلت” سبب ئي کوڙ وسندڙ ويڙھا ويران پڻ ٿي ويندا آهن.(ھلندڙ)

آفتاب سليمان لغاري/چمبڙ

شاھه لطيف باغ ٽنڊوالھيار جي خوبصورتي بچايو

(حصو پهريون)

ٽنڊوالھيار جا اھي به خوبصورت ڏينهن ھئا جڏهن ميونسپل باغ اڳي سول ڪورٽ ھاڻ (ضلعي جو درجو ملڻ بعد) سيشن ڪورٽ جي سامھون ڪشادو روڊ لڳ ميرپورخاص ۽ حيدرآباد روڊ ۽ ريلوي اسٽيشن جي ويجھو عاليشان آبھوا طور مشھور ھوندو ھو. ان وقت باغ جي مکيه گيٽ جي لڳ سيد مرتضيٰ ڏاڏاھي جي سرپرستي ۽ سندس چند ويجھن صحافي دوستن جي محنت سان “ٽنڊوالھيار پريس ڪلب” جو بنياد رکيو ويو. (ھي پريس ڪلب ڪن سببن جي ڪري ڊاٿو ويو ھاڻ ٻي ھنڌ قائم آھي) اھڙي طرح باغ جي ھڪ ڪنڍ تي سادي عمارت ۾ مذاح جي حوالي سان بزرگ ۽ درويش طور مشھور “وتايو فقير” جي نالي سان منسوب لائبريري قائم  ڪرڻ ۾ به شاعر، صحافي ۽ سڄاڻ شخص سائين مرتضيٰ ڏاڏاھي جو وڏو ھٿ رھيو، ھن لائبريري ۾ علم ادب دوستن جي سھڪار سان سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ادبي گڏجاڻين جا ڪيترا شاندار ۽ لاڀائتا دور ٿيا. باغ اندر داخل ٿيڻ لاءِ لائبريري جي عمارت اندران به ننڍو گيٽ ٺھرائي رستو جوڙايل ھو، محترم رشيد احمد زرداري جڏھن ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊوالھيار جي منصب تي ويٺل ھئا تڏهن پاڻ سنگت جي گذارش تي لائبريري جي زبون عمارت لاءِ مرمت جو ڪم ڪرائي ڏنائون. ميونسپل باغ جو ٻيو گيٽ اسٽيشن يا بس اسٽاپ واري پاسي کان به آھي. ھن گيٽ وٽان داخل ٿيڻ شرط کاٻي پاسي کان شھر کي “واٽر سپلاءِ”  لاءِ وڏي شاھي ٽانڪي جوڙايل ڏسڻ ۾ ايندي، جيڪا ھاڻ زبون حالت ۾ قديم آثارن جھڙو ڏيک ڏي ٿي. ان بعد باغ جو نالو “شاھ عبدالطيف” سان منسوب ڪيو ويو. ھن باغ پنهنجي خوبصورتي، بھتري ۽ تباھي جا مختلف دور ڏٺا آھن. ھتي عورتن جي واڪ لاءِ ھڪ جدا ھنڌ پڻ مخصوص ڪيو ويو هو، ھن باغ ۾ مختلف وقتن تي نمائشن توڙي ضلعي انتظاميا طرفان وتايو فقير جي ورسي جي حوالي سان عاليشان پروگرام ٿيندا آھن. ڪڏهن ھن باغ ۾ شھر جون خاص شخصيتون به چھل قدميءَ لاءِ اينديون ھيون. اسان ميونسپل ھاءِ اسڪول جي رسيس دوران ڪجهه ٻين شاگردن سان گڏجي ھتان ڦيرو ڪري ويندا ھئاسين. ھتي پتين تاس ۽ لوڊو راند جا شوقين به اچي پنهنجو وقت پاس ڪندا ھئا، جڏهن ته ٻارڙا به راند ڪندي باغ جي حسن ۾ اضافو ڪري فطرت جي رنگن ۾ خوشيون شامل ڪندي ڏٺاسين. (جاري)

منظور ڪالرو /حيدرآباد

علم جو ھر ورڪ ٿي ورندو پليجو!

سنڌ ڌرتيءَ تي وقتن بوقتن اھڙا عظيم انسان ايندا رھيا آھن جن پنھنجي علم سان عقل سان، ڏاھپ سان پورھئي سان، بھادريءَ سان پنھنجي درتيءَ جو نالو روشن پي ڪيو آھي، پنھنجي ڌرتي ۽ ڌرتي جا فخر جوڳا ڪردار رھيا آھن، جنھن مان ڪجھ مثال اسان جي سامھون آھن. شاھ عبدالطيف ڀٽائي رحه، شيخ اياز ۽ رسول بخش پليجو جهڙا انسان شامل آھن، پليجي صاحب کي قدرت جي طرفان مليل ھر ڏانءُ ھو، ھو ھڪ سٺو اديب، عالم، مقرر، رھبر ھجڻ سان گڏ تاريخ جو وڏو انقلابي اڳواڻ به ھو، جنھن پنھنجي سڄي زندگي جدوجھد جي دوران جيلن ۾ گذاري پنھنجي ڌرتي لاءِ پنھـنجي قوم، پنھنجي وطن لاءِ پنھنجن درياهن لاءِ زندگي ۾ڏک ۽ تڪليفون برداشت ڪيون، پنھنجي عوام جي لاءِ نجات جو سبب بڻيو، پليجو صاحب ثابت قدميءَ بھادري ۽ دليري جو نالو آھي، پليجو صاحب سيکاري ٿو ته ڪيئن ثابت قدمي سان مقابلو ڪجي، ڪيئن توڙ نڀائجي، پليجو صاحب ھميشه ڏتڙيل غريب مسڪين بيوس ۽ لاچار ماڻھن جو ڀرجھلو رھيو آھي. ھن ھميشه مظلومن جو ساٿ ڏنو، سنڌ جي مظلوم جي عورتن لاءِ سنڌياڻي تحريڪ جھيڙي تنظيم جو وجود رکي سنڌ جي مظلوم عورتن کي پنھنجن حقن لاءِ وڙھڻ سيکاريو آھي، عورتن کي برابري جا حق ڏيارڻ لاءِ جدوجھد ڪئي، ايئن مظلوم ھارين جي لاءِ سنڌ ھاري تحريڪ جوڙي، انھن کي پنھنجن حقن لاءِ جدوجد ڪرڻ سيکاريائين، سياست، ادب، تاريخ ۾ شاگردن کي آڻڻ جي لاءِ ۽ سنڌ جا شاگرد دنيا جي شاگردن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي مقابلو ڪن، ان جي لاءِ سنڌي شاگرد تحريڪ جھڙي سدا بھار تنظيم وجود ۾ آڻي پليجي صاحب سنڌ جي سمورن شاگرد ۽ شاگردياڻين کي غير روايتي شاگرد بڻايو، جو ھو اڄ پنھنجي حقن لاءِ پاڻ جدوجھد ڪن ٿا ۽ پنھنجي نصاب سان گڏ پوري دنيا جي علم جو ڳوڙھو مطالعو ڪن ٿا. پليجي صاحب جڏھن 7 جون 2018ع تي اکيون بند ڪيو ھيون ته تاريخ جي وڏي ذھن سوچڻ بند ڪئي هئي، اڄ پوري سنڌ جا عورتون، مرد، ٻار توڙي پوڙھا پليجي صاحب جي پنجين ورسيءَ تي کيس سرخ سلام پيش ڪن ٿا.

ڪامران قمر پالاري/ٿاڻو بولا خان

بورڊ آف انٽرميڊئيٽ ايند سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر جي چيئرمين جي نانءُ!

سالياني امتحان جي پڄاڻي کان پوءِ ھر سال جيان ھن سال به بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر انتظاميا پنھنجي ضروري ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ سبجيڪٽ وائيز پيپرن جي اسيسمينٽ يعني چڪاس ڪرائڻ جو مرحلو شروع ڪندي. ان سلسلي ۾ بورڊ انتظاميا پبلڪ توڙي پرائيوٽ سيڪٽر جي تعليمي ادارن ڏانھن ليٽر موڪليندي آھي ته جيئن سبجيڪٽ سان لاڳاپيل استاد پيپرن جي چڪاس ڪري سگھن ۽ پوءِ آخر ۾ نتيجي جو اعلان ڪيو وڃي. نتيجي جي سلسلي ۾ ھميشه سکر بورڊ اڳڀرو رھيو آھي. ھڪ استاد ھئڻ جي ناتي منھنجي سکر بورڊ جي انتظاميا کي مودباڻي گذارش آھي ته اسيسمينٽ صرف ئي صرف لاڳاپيل سبجيڪٽ جي استادن کان ئي ڪرائي وڃي ۽ گڏوگڏ پنھنجن موڪليل آفيسرن، نمائندن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو وڃي ته اھي بنا ڪنھن متڀيد جي ۽ بورڊ جي قانون موجب اسيسمينٽ ڪندڙ استادن سان ھڪ جھڙو رويو رکن. ماضيءَ ۾ ايئن به ٿيو آھي ته بورڊ جا آفيسرس جنھن استاد تي راضي ٿين ته ان کان گھڻيون ڪاپيون به چيڪ ڪرائيندا آھن ۽ کيس وڌيڪ ڏينھن به گھرائيندا آھن يا گھر ويٺي کيس وڌيڪ ڏينھن ڏئي ڇڏيندا آھن، جيڪو عمل سراسر غلط ۽ ناانصافيءَ تي ٻڌل آھي، سڀني استادن لاءِ ھڪ جھڙي پاليسي مقرر ڪرڻ گھرجي، ڪنھن به استاد کي جوابي ڪاپيون گھٽ يا وڌ نه ڏيڻ گھرجن ۽ سراسري جي حساب سان چاليھ يا پنجاھ ڪاپيون لاڳاپيل استاد کي چيڪ ڪرڻ لاءِ ڏنيون وڃن ته جيئن اھو استاد بھتر نموني سان پنھنجو فرض ادا ڪري سگھي ۽ ھن اخبار جي ذريعي آئون مانوارن استاد صاحبان کي پڻ گذارش ڪندس ته اھي پيپرن جي اسيسمينٽ يعني چڪاس کي پنھنجو فرض سمجھي ايمانداريءَ سان چيڪ ڪن ته جيئن حقدارن کي پنھنجو حق ملي سگھي ۽ گڏوگڏ ھيڊ ايگزمائينرن کي پڻ گھرجي ته اھي پنھنجي ماتحتن جي ھڪ ھڪ ڪاپيءَ کي غور سان ڏسي جيئن ڪنھن غلطيءَ جو امڪان نه رھي. اميد ته مٿي بيان ڪيل منھنجن سڀني نقطن تي بورڊ انتظاميا، ان جا ماتحت آفيسرز، نمائندا، سبجيڪٽ سان لاڳاپيل استاد صاحبان ۽ ھيڊ ايگزمائينر صاحبان عمل ڪري اسيسمينٽ جي عمل کي بھتر بڻائڻ ۾ پنھنجو بهترين ڪردار ادا ڪندا.

ستار سنڌي/ ڪنب

چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ سي ايم سنڌ کي گذارش!

تازو آءِ بي اي پاران 20 جنوريءَ تي گريجيوٽ ڪٽيگري جي ٽيسٽ ٿي ھئي، ٽيسٽ ايتري ته ڏکئي ھئي جو جيڪي ايم فل ڪري ويٺا آھن انھن چيو ته ٽيسٽ ڏاڍي ڏکئي ھئي، انھيءَ ٽيسٽ ۾ ڪافي معذور به ويٺا ھئا، انھن معذورن جو 33 کان 35 سيڪڙو مارڪون آيون آھن، جڏهن ته سنڌ حڪومت تازو ماستري واري ٽيسٽ ۾ 33 مارڪن تي پرائيمري ٽيچر ۽ جي اي ايس ٽي ٽيچر معذور ڪوٽا تي انھن معذورن کي نوڪريون ڏنيون ويون آھن، محترم سائين مان ان کان اڳ به ڪيترن ئي کاتن ۾ ايندڙ نوڪرين جي لاءِ معذور ڪوٽا تي اپلاءِ ڪندو رهيو آهيا ۽ هر ڀيري امتحانن ۾ ويٺو آهيان. ھاڻ سي ايم سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي گذارش آھي ته آءِ بي اي گريجيوئيٽ ڪيٽيگري ۾ ايڪسائيز کاتي ۽ مانيٽرنگ ايوليشن تعليم کاتي ۾ معذورن کي 33 مارڪن تي پاس ڪري انھن معذورن کي نوڪرين جا آرڊر ڏنا وڃن ته جيئن غريب معذور اوھان جي اھل اولاد کي دعائون ڏيندا.

منيش ڪمار واسو/ مٺي، ٿرپارڪر

سنڌ ۾ پ پ پ جي لاڳيتو اقتداري دور جي پڄاڻي!

سنڌ ۾ پ پ پ جي سرڪار جو لاڳيتو ٽيون اقتدار وارو دور پنهنجي پڄاڻي تي آهي، جنهن بعد نگران حڪومت ايندڙ عام اليڪشن تائين هوندي، ڇاڪاڻ ته سنڌ اسيمبلي ۽ صوبائي حڪومت جو مدو 13 آگسٽ تائين آهي، جنهن بعد ڪابينا تحليل ٿي ويندي. آئيني طريقي ڪار موجب نگران وزيراعليٰ جي چونڊ ڪئي ويندي ۽ نگران وزيراعليٰ آندو ويندو، انهن سڀني ڳالهين باوجود سنڌ سرڪار پنهنجي بقايا رهيل ڪمن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. پ پ پ پنهنجو پندرهون بجيٽ پڻ ڏيون ويندي، تازو پ پ پ سرڪار سنڌ ۾ مڪاني چونڊن بابت پنهنجا پ پ پ سان سلهاڙيل اميدوار جيڪي ميئر ضلعي چيئرمين ۽ ٽائون چيئرمين جي صورت ۾ سنڌ اندر ڏيون پئي وڃي ۽ جن جا نالا پڻ ميئر ضلعي چيئرمين ۽ ٽائون چيئرمين صورت اچي چڪا آهن، جيڪي فائنل ٿي ويا آهن، انهن سڀني صاحبان کي هن خط ذريعي ذميواريون ملڻ تي مبارڪون ڏجن ٿيون، اميد ته اهي پنهنجي علاقي اندر بهتر طور عوامي سياسي خدمت ڪري ڏيکاريندا پر ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ پ پ پ  جي سرڪار جي لاڳيتو ٽن اقتداري دورن ۾ پ پ پ سنڌ ۾ ڪيتري قدر عوامي سياسي خدمت ڪري ڏيکاري آهي، ڪم ڪاريون ۽ صوبي کي ترقي وٺرائڻ ۽ خوشحالي خاطر ڪهڙا اقدام کنيا آهن اهي سڀ شيون ۽ ڳالهيون سنڌ جي عوام جي سامهون آهن، جنهن ڳالهين جو ايندڙ اليڪشن ۾ فيصلو پاڻ ڪندو جيڪا عوام عام چونڊن ۾ پنهنجي ووٽ واري طاقت جي استعمال ذريعي پنهنجو فيصلو ڏيندو ته انهن کي ڇا مليو ۽ جيڪا عوام اڃا وڌيڪ ڪهڙي سياسي پارٽي کي هر حوالي سان موٽ ڏيڻ چاهيندو ۽ پنهنجو ووٽ ڏيندو اهو سڀ ڪجهه عوام جي پنهنجي هٿ ۾ آهي، جنهن جو پتو ايندڙ اليڪشن ۾ پوندو، جيڪو عوام لاءَ فيصلي جو سال هوندو. بهرحال گهڻي قدر ڏٺو اهو ويو آهي ته سنڌ ۾ پ پ پ جي لاڳيتن ٽن اقتداري دورن ۾ عوام جي گهڻي قدر حالت ڪونه بدلجي سگھي آهي، بيروزگاري عروج تي آهي پر تنهن باوجود به سنڌ حڪومت پنهنجي آخري مهينن ۾ خاص ڪري بجيٽ جي تياري ۾ رڌل هجڻ سان گڏ بيروزگارن کي روزگار فراهم ڪرڻ واري ڳالهه کي عملي جامو پارائيندي تان جو ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ پ  اميدوارن کي عوام وٽان پهريان جهڙي موٽ ملي ۽ هو چوٿون چڪر به سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهي سگهن.

محمد اسلم ماڪو/پنو عاقل