سنڌ ۾ اڀرندڙ شعور جي لهر!‎‎
بحريا ٽائون جي ناجائز ولار ۽ قديم ڳوٺن کي ڊاهڻ خلاف سموري سنڌ واسين جو ردعمل  ۽ مذمت گهڻن کي بي چين ڪري ڇڏيو هو پر جڏهن سنڌ جي خيرخواهن سنڌ واسين جي ان ردعمل ۽ مذمت کي ”سنڌ ايڪشن ڪاميٽي“ جهڙو پليٽ فارم مهيا ڪيو ۽ سموري سنڌ واسين کي 6 جون تي بحريا ٽائون جي ناجائز والار خلاف بحريا جي ئي مک گيٽ تي احتجاج جو سڏ ڏئي سنڌ واسين کي آگاهه ڪيو ته هاڻي ٿوري به لاپرواهي اسان جي وجود کي ختم ڪري سگهي ٿي، تنهن ڪري وطن جي وارثي لاءِ نڪرو ۽ پرامن احتجاج ريڪارڊ ڪرايو، سنڌ واسي جيڪي اڳ ئي اهڙي متحد ۽ منظم قيادت لاءِ آتا هئا سو انهن به اھڙي مهلائتي موقعي کي ملهايو ۽ بحريا جي مک گيٽ تي لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي”بيچين ٿيڻ وارن کي بيحس ڪري ڇڏيو“ ۽ انهن جا هوش هوا ٿي ويا، ان جي شاهدي احتجاج کان پوءِ هزارين جي تعداد ۾ ڪيس ۽ سون جي تعداد گرفتاريون پرامن سنڌين جون ڪيون ويون آهن، سنڌ ۾ اڀرندڙ شعور جي لهر کي جتي سياسي مبصر وقتي ۽ سوشل ميڊيا جو معجزو قرار ڏين ٿا ۽ ان کي عارضي سمجهن ٿا، اها انهن جي غلط فهمي ۽ سائنسي حقيقتن کان منهن ڦيرڻ آهي، جي ها، ڇو ته سنڌ جي شعور کي بيدار ڪرڻ ۾ ڪيترن ئي املهه انسانن جو ڪردار آهي، جنهن ۾ ڀٽائي سرڪار، شاهه عنايت، سچل سرمست، جي. ايم سيد، باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي، شيخ اياز ۽ سائين رسول بخش پليجو نمايان آهن، اهي شخصيتون حڪيم القوم هيون، جن سنڌي قوم کي هر لحاظ کان جاچيو هو ۽ انهن جي ڪمين ڪوتاهين جو علاج ڪيو هو، اهو انهن حڪيمن جو ئي نتيجو آهي جو اڄ سنڌي قوم جي ثابت قدمي ۽ شعوري لهر کي پنجاب مان به مان ملي رهيو آهي، تڏهن ته اياز اهڙن املهه انسانن لاءِ چيو هو ته،
“ڪي ماڻهو آهن، ڳاڻ ڳڻيا،
ٿو ارپي جن کي موت مڻيا،
تاريخ اندر هو ڌڙڪن ٿا،
ڪجهه وقت اجهامي ڀڙڪن ٿا”
غلام الله گاڏهي/نصيرآباد3
6 جون، بحريا معاملو هڪ گهري سازش!
6 جون 2021ع تي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي طرفان ملڪ رياض واري بحريا ٽائون خلاف احتجاج جو اعلان ڪرايو ويو. جنهن ۾ سنڌ جي قومپرست ۽ سنڌ جي هر ماڻهوءَ پاڻ ملهايو. هي هڪ تاريخي ڌرڻو هو جنهن ۾ سڀئي سنڌي منظم ٿيا ۽ بحريا ٽائون کي غيرقانوني سمجهي رد ڪيو ويو. بحريا ٽائون نه رڳو غير قانوني آهي پر ملڪ رياض سنڌ جي زمينن تي زوريءَ قبضا ڪيا آهن ۽ سنڌين جي گهرن کي زبردستي ڊاهيو آهي، ملڪ رياض ۽ پ پ پ سنڌ سموري کي ڪالوني بڻائڻ چاهي ٿي ۽ سنڌين کي بيگهر ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي. 6 جون تي ملڪ رياض ۽ زرداري جڏهن سنڌي ماڻهن جو سمنڊ ڏٺو ته وري هڪ نئين چال کيڏڻ لڳا، بحريا ٽائون جي گيٽ کي پنهنجي واٺن هٿان هٿرادو ساڙائي پوءِ وري دهشتگرديءَ جا قومپرستن توڙي عام ماڻهن تي ڪيس داخل ڪرايا ويا. ايم ڪيو ايم جي هٿان باھ لڳرائڻ ۽ هڪ خطرناڪ قسم جو ان باھ ۾ ڪيميڪل استعمال ڪرڻ هڪ سازش آهي. هاڻي پ پ پ وارا پاڻ به اهو چئي رهيا آهن ته باھ ايم ڪيو ايم وارن لڳائي آهي ۽ ان ۾ خطرناڪ قسم جو ڪيميڪل پڻ استعمال ڪيو ويو آهي. پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر اسان سنڌين ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو اسان تي دهشتگردي وارا ڪيس داخل ڪرايا پيا وڃن جڏهن ته اسان فقط پرامن احتجاج ڪيو هو.
سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول
وزير حسن ”آس“ جي نانءُ!
(حصو ٻيون ۽ آخري)
مون هُن کي پنهنجي هٿن سان ٺهيل هڪ جيل جي سوکڙي به ڏني. وزير حسين ”آس“ منهنجي سموري سنگت لاءِ تمام گھڻو پيار ۽ سلام ڏنا ۽ هو گھڻيون دعائون به ڏئي رهيو هو. هن جي دعا مون کي سموري سنڌ جي دعا لڳي. وزير حسين ”آس“ جي الوداعي مرڪ مون کي سنڌ جي مُرڪ لڳي. هن جڏهن مون کي منهنجي ئي شاعري ٻڌائي ته مون کي ايئن محسوس ٿيو ته ڄڻ سنڌ مون کي منهنجي ئي شاعري ٻڌائي رهي آهي، هُن مون چيو ته آئون توهان جي شاعريءَ جو بيصبريءَ سان انتظار ڪندس، آئون آس ۽ سنڌ لاءِ هيءَ لفظ لکي رهيو آهيا:
ماري نه جيار، او جاني ماري نه جيار،
هڪڙو ڀيرو مار او جاني هڪڙو ڀيرو مار.
چنڊ تڪيدين تنها رات گذري،
سارو سج ڪيان انتظار، هڪڙو ڀيرو مار.
خطڙا لکي تو لاءِ وقت ڪڍان ٿو،
وڻن، ٽڻن سان ڪيان ويچار، هڪڙو ڀيرو مار.
تنهنجي سُرن کان او سُهڻا پرين،
ڪر نه ڪن لاٽار، هڪڙو ڀيرو مار.
نٿو ڏسان توکي زندگيءَ وڃي ٿي،
دل ٿي ٿئي تو بار، هڪڙو ڀيرو مار.
وجودِ آصف جي رت جو هر هڪ ڦُڙو،
تو ۽ سنڌ لاءِ تڙپي دلدار، هڪڙو ڀيرو مار.
اسان قيدي پنهنجي پيارن جي انتظار ۾ پل پل مرون ٿا، اهڙي ئي هڪ سوچ مٿين شاعريءَ کي وجود ۾ آندو. آئون ٿورائتو آهيان پنهنجي پياري ڀاءُ وزير حسن ”آس“ جو ته هو قرب جا قدم ڀري مون ڏانهن آيو ۽ آئون پڻ ٿورائتو آهيان محمد علي قاضي صاحب ۽ ”پنهنجي اخبار“ جي سموري ٽيم جي جنهن اسان سنڌ واسين کي هڪ اهڙو پليٽ فارم تي گڏ ڪيو آهي جيڪو رسٽو ڪير به ختم نٿو ڪري سگھي. منهنجي ملڪ جي سمورن قيدين کي گذارش آهي ته پنهنجي دٻيل آواز کي قلم جي زور سان پري پري تايئن پڄائڻ جي ڪوشش ڪيو، توهان کي ڪير به چُپ نٿو ڪرائي سگھي پر توهان جو سچو هجڻ لازمي آهي، ڇو جو ڪوڙ جي ڄمار تمام ٿورڙي هوندي آهي.
آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد
انسان ڇا کڻي ويندو؟
دنيا جي ڪار وهنوار تي نظر ڦيرائجي ته هڪڙي اوندھ نظر ٿي اچي، اها اوندھ جنهن ۾ انسان دولت جي ڳولاڪري ٿو پوءِ ان ڳولا دوران اوندھ ۾ ڪيترائي ڪمزوز، مظلوم انسان لتاڙجي وڃن ٿا، انسان پئسي، مال ملڪيت جو ايترو ته قائل ٿي ويو آهي جو هر وقت دولت جي پٺيان آهي، ته ناجائز، جائز جي سڃاڻ نه رهي اٿس، تڏهن ته ڪنهن شاعر چيو آهي ”ڪھڙي طرح ڪيئن به پئسو اچي، اچي ڀلي ايمان بچي نه بچي“ ۽ ان کان سواءِ انسان جا لهجا ڪوڙا ٿي ويا آهن، نفسانفسي جي عالم ۾ لفظن جي ادائيگي صحيح نٿي رهي آهي ۽ پوءِ اهي لفظ انسان جي اندر کي چيري ڦاڙي ڇڏن ٿا، ڪڏهن ڪڏهن انسان هر شيءِ کي وساري ويندو آهي پر اهي ڪڙا لهجا نه وساري سگهندو آهي پوءِ اسان ايئن ڇو ڪيون؟ دليون ڇو رنجايون؟ اهو گناھ ڇو ڪيون جيڪو رب به معاف نه ڪري، جيستايئن بندو معاف نه ڪري. مهربان ساٿيو، هر انسان موڪلائي ويندو، دنيا فاني آهي، انسان ڇا کڻي ويندو؟ جو ايتري پٽاڙ ڪري؟ مسڪينن جا حق کائي، مڃون ٿا پئسو زندگي ۾ خاص حيثيت رکي ٿو پر يار جائز ۽ ان پئسي تي تڪبر ۽ وڏائي نٿي سونهي. جيڪڏهن جائز پئسي مان ٽي وقت ماني کائو ٿا، اجهو، اٽو ۽ لٽو اٿوَ ته شڪر ڪيو ۽ ڪوشش ڪيون ته دليون نه رنجايون، يار خبر نه پوندي انسان هليو ويندو، سڀ هتي رهجي ويندو پر يار انسان ڇا کڻي ويندو؟
مزمل حليم مهر/مبارڪپور
24 جون، ڌرتيءَ جي راڳي الهڏني خاصخيلي جي 5 ورسي جو ڏينهن!
لاڙ پٽ جي ضلعي سجاول ۽ تعلقي ميرپور بٺورو ۾ 25 جنوري 1966ع تي جنم وٺندڙ سنڌ ڌرتي جي ڪلاسيڪل راڳي الهڏني خاصخيلي راڳ جي سکيا پنهنجي ئي گهر ۾ پنهنجي والد استاد علي محمد خاصخيلي کان ورتي، الهڏني خاصخيلي تمام ٿوري وقت ۾ پنهنجي والد جي تربيت ۽ محنت جي نتيجي ۾ سٺن راڳين ۾ ڳڻجڻ لڳو. کيس سنڌ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماروئڙن سان بي پناهه محبت هئي، پاڻ اڪثر محفلن ۾ چوندو هو ته اسان ڪنهن پير، مير يا وڏيري جا غلام ناهيون، جي غلام آھيون ته فقط سنڌ ڌرتيءَ جا آھيون ۽ ڌرتي جي ماڻھن جا غلام آھيون. سندس گائيڪي جو انداز ڏاڍو بهترين هو، سندس ذاتي ڪچھرين ۾ به سنڌ ڌرتي ۽ ڏتڙيل ڏيھ جي ماڻھن جو ذڪر هوندو هو. راڳ جي راڻي الهڏني خاصخيلي شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شيخ اياز، رسول بخش پليجي، نارائڻ شيام، غلام حسين رنگريز، سرويچ سجاولي، استاد بخاري، ڊاڪٽر آڪاش انصاري ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي ڪلاسيڪل شاعري ڳائي راڳ جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمايو. راڳ جي دنيا ۾ غلام حسين رنگريز جا هن تمام گهڻا گيت ڳايا. جنهن سبب رنگريز ۽ الهڏنو خاصخيلي هڪ ٻئي جي سڃاڻپ بڻجي ويا. الهڏني خاصخيلي به ڪيترن ئي محفلن ۾ اهو اعتراف ڪيو هو ته سندس والد صاحب استاد علي محمد خاصخيلي کان پوءِ ٻيو استاد رنگريز صاحب کي سمجهي ٿو. سندس مشھور گيتن ۾، جنت الفردوس آھن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون، جهان کي ڏيون مبارڪون اسان پيا ڪاهيندا اچون، روز جهولو لڳي روز پيرون پچن، اي چنڊ ٻڌاءِ توکي سڌ وڻي، هن دل ۾ سڄڻ ارمان لکين آھن، تون پڇين ٿو پرين مان هليو ڇو ويس وغيره شامل آھن. ڌرتيءَ جو هي ڪلاسيڪل راڳي 24 جون 2016ع تي ٽنڊي الهيار ڀرسان روڊ حادثي ۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
غلام علي گل /ٻيلو، سجاول
سنڌ يونيورسٽي انتظاميا جا تعليم ۽ شاگرد دشمن فيصلا!
سنڌ يونيورسٽي سنڌ جي قديم ۽ وڏي علمي درسگاھ آھي، جتي سنڌ سميت سڄي ملڪ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. ڪجھ سال اڳ تائين ته يونيورسٽي جون فيون نارمل ھيون ۽ غريب غربو ھڙان وڙان ڪري ڪجھ  ڏوڪڙ ھٿ ڪري پنھنجي مستقبل کي سنوارڻ جا خواب کڻي انھن کي سانڀيان ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ايندو ھو پر ھاڻ شايد يونيورسٽي انتظاميا اھو نٿي چاھي ته ڪو سنڌ جو شعور ھتي اچي ۽ علم پرائي، پنھنجي مستقبل ۽ والدين جي خوابن کي عملي جامو پهرائي. ڇاڪاڻ ته ھاڻ يونيورسٽي انتظاميا ڏينھون ڏينھن تعليم ۽ شاگرد دشمن پاليسيون جوڙي رھي آھي. جنھن جو تازو مثال يونيورسٽي جي سالياني داخلا فيسي ۾ ڳاٽي ٽوڙ 30 سيڪڙو واڌارو ڪري شاگردن کي يونيورسٽي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي ۽ يونيورسٽيءَ جي قاعدن ۽ قانونن جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي، قاعدي موجب پھرين سال کي ڇڏي ٻئين، ٽئين ۽ چوٿين سال جي فيس ۾ گھٽائي وڃي پر ھتي انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا وارو ڪم پيو ھلي. جڏھن ته ڏيڍ سال ۾ گھڻو وقت ته يونيورسٽي بند رھي، ڪووڊ 19 سبب ان ڏيڍ سال ۾ يقينن بند ڏينھن ۾ ته يونيورسٽي جي بجيٽ ۾ بچت ٿي ھوندي ڇو ته شاگردن ٽرانسپورٽ، بجلي ۽ پاڻيءَ سميت ٻيون سھولتون استعمال نه ڪيون، بجيٽ ۾ بچت باوجود داخلا فين ۾ اضافو ڪري شاگردن سان ظلم ڪيو ويو آھي. سنڌ يونيورسٽي جي اوچي ڳاٽ سان بيٺل سينٽرل لائبريري ۾ به گذريل ڏيڍ سال کان بند آهي ۽ھاسٽل تي به ساڳي صورتحال آ، مطلب ته شاگردن کي اخباري مطالعي کان محروم رکيو ويو آھي. ٿيڻ ته ايئن گھربو ھو ته ملڪ جي ٻين سرڪاري يونيورسٽين جيان ھتي به شاگردن کي  ڪورونا رليف ڏنو وڃي ھا پر رھندو غريبن جي پريشانين ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. منھنجي گذارش آھي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کي ته خدارا ھن معاملي جو نوٽيس وٺي شاگردن کي ظلم کان بچايو وڃي.
اويس گل/سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو
هاري نقلي ٻج ۽ ڀاڻ خريد ڪرڻ کان هوشيار رهن!
تعلقو ٺل اهو شھر آھي جيڪڏھن مان غلط نه هجا ته جنهن کي پوري پاڪستان ۾ رائيس ملن جو شھر سڏيو وڃي ٿو، توهان کي خبر آھي ته هاڻ سارين جي فصل جو پوکڻ جو وقت آھي، غريب مسڪين ۽ اٻوجھ ماڻھن جي ساريون پوکڻ ايئن سمجهيو ويندو آهي ڄڻ سال جو پورھيو آھي، اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته ڪجھ سالن کان وٺي چائينا جو ٻج نڪتو آھي جيڪو هارين کي هر سال نقصان جي مٿان نقصان ڏئي رهيو آھي، نقصان جو اصل سبب جيڪو ٻج ۽ پاڻ جا ڊيلر آھن اهي پنهنجي فائدي ۽ وڌيڪ منافعي ڪمائڻ جي چڪر ۾ نقلي ٻج ۽ پاڻ وڪرو ڪندا آھن، ويچارن هارين کي خبر نٿي پوي، پوءِ هو جڏھن ٻج پوکيندا آھن ته ان وقت خبر پوندي آھي ته نقلي آھي يا اصلي ايئن نقلي هجڻ جي ڪري هزارين غريب لٽجي ۽ ڦُرجي ويندا آھن، نقلي پاڻ وڃڻ کان پوءِ ساريون مزو ناهن ڪنديون، ايوريج ناهن ڏينديون، جيڪي في جريب 30 مڻ ايوريج ڏيڻ وارو هوندو آهي اهو 20 مڻ ڏئي ته سمجهيو وڃي ته ٻج نقلي هو. ڀاڻ جي ڊيلرن جي خلاف حڪومت کي نوٽيس وٺڻ کپي ۽ هارين کي هوشياري ڪرڻ کپي ڇو ته هي سندن سال جو پورهيو آھي .
محمد صديق کوسو/ڳڙھي حسن
غريب عوام کي لٽڻ جو سلسو جاري آھي!
ايل ايل بي پاس اسٽامپ وينڊر الھبچايو خاصخيلي طرفان رجسٽريشن جي مد ۾ ٻنھي ھٿن سان غريب عوام کي لٽڻ جو سلسو جاري آھي، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڏيجي، مختيارڪار ڪوٽڏيجي ۽ سب رجسٽرار ڪوٽڏيجي ۽ سياسي سپورٽ ھجڻ جي ڪري ھن جي خلاف ڪو به ڪارروائي نٿو ڪري، الھبچايو خاصخيلي رجسٽريشن جي مد ۾ غريب عوام کان في ايڪڙ ھزارين رپيا فيس وٺي ٿو، جيڪا سراسر ناانصافي آھي، جڏھن ته في ايڪڙ رجسٽريشن جي سرڪاري فيس تمام گھٽ آھي. ھڪ پاسي الھبچايو خاصخيلي چوي پيو ته مان ايل ايل بي پاس آھيان ته وري ٻي پاسي پاڻ ئي غيرقانوني طور تي غريب عوام کي لٽي رھيو آھي ۽ ٻيو ته غيرقانوني طور تي مختيارڪار آفيس ڪوٽڏيجي جي سرڪاري عمارت استعمال ڪري ٿو ۽ غيرقانوني طور تي پڪا سيل سرٽيفڪيٽ پاڻ وٽ رکي ٿو، تعلقي ڪوٽڏيجي جي عوام ھائي ڪورٽ آف سنڌ، ڊي جي نيب سنڌ، چئيرمين اينٽي ڪرپشن سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ، سينئير ميمبر بورڊ آف ريوينيو، ڊي رجسٽريشن سنڌ، ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کان اپيل ڪئي آھي ته جلد ھن اھم مسئلي جو نوٽيس وٺي الھبچايو خاصخيلي جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ھن جي ظلم کان بچايو وڃي.
لياقت علي شيخ/ ديھه سوھو
سنڌ کي اسڪولن جي ضرورت آهي!
اڪثر نوجوان پنھنجو قيمتي وقت وڃائڻ لاءِ ھوٽلن تي چانھ جو ڪوپ ۽ سگريٽ جي سوٽي تي ويٺل نظر ايندا آھن ته ڪن جي ھٿ ۾ ھيروئن ته ڪن جو سوٽو مليل ساھ سان ڪي موالي حُقي جا ته ڪي وري چريا چرس جا. افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو ته ھي اسان جا نوجوان ڪھڙي طرف وڃي رھيا آھن. مون پنھنجي اکين سان ڏٺو آهي ته ڳوٺن جا ماڻھو پنهنجي عورتن ۽ ٻارن کان ٻني تي رونبو وغيره ڪرائيندا آھن، پاڻ وري سڄو ڏينھن ھوٽلن تي يا ڪڪڙن جي ميلن جي پويان لڳا پيا ھوندا آھن، ھي سڀ ڪجهه ان ڪري ته اسان وٽ تعليم جي کوٽ آھي ۽ جھالت چوٽ تي چڙهيل آھي، ڇاڪاڻ ته ڳوٺن ۾ اسڪول نه ھئڻ ڪري ڳوٺن جا ماڻھو پنھنجي ٻارن کي به ٻني ٻاري تي ڪم ڪرائڻ ۾ لڳا پيا ھوندا آھن، جڏھن اھي وڏا ٿيندا آھن ته اھي به پنھنجن وڏڙن جي واٽ تي ھلي ساڳيا ئي ڪم ڪندا آھن. حڪومت کي گھرجي ته سنڌ جي مڙني ڳوٺن ۾ اسڪول تعمير ڪرايا وڃن ته جيئن ايندڙ نسل جو مستقبل بچي سگھي.
ثقلين حيدر/ رتوديرو
زور جي ميندي ڪڏهن به رنگ ناهي لائيندي!
هن سماج ۾ اڪثر والدين پنهنجي اولاد جي خوشين کي لوڙهي ڇڏيندا جنهن جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا آهن، هن جديد دور ۾ اهڙيون ريتون رسمون اپنايون وڃن ٿيون جيڪي هڪ پراڻي قديمي دور ۾ اپنايون وينديون هيون. شاديون بنا ڏٺي ڪيون وينديون هيون، انهن والدين ڪو هڪ جهڙو به  هڪ ٻئي کي پرڻائي نه پي سگهيا ته ان وقت انهن اهي پراڻيون ريتون ۽ رسمون اپنايون، مون کي ته افسوس آهي ته اڄ به قديمي ريتون ۽ رسمون ڇو پيون اپنايون وڃن؟ جڏهن اهي ريتون ۽ رسمون انهن وستين تي رائج ڪيون وينديون آهن جتي ان وستي جا شهزادا ۽ شهزاديون آزادي جو جهنڊو کڻي سرعام گهمنديون آهن ۽ انهن مٿان ريتن رسمن جو بار وڌو ويندو آهي ۽ اهي آزادي پسند شهزادا توڙي شهزاديون اهڙي عمل کي برداشت ناهن ڪري سگهنديون ۽ آپگھاتن سميت اڻ وڻندڙ خيال جنم وٺن ٿا، جيڪي روزمره جا خيال سندن جسماني توڙي روحاني طور اذيتون ڏئي ماري وري جيارين ٿا. آخرڪار اهي آزاد خيال شهزادا توڙي شهزاديون انهن اڻ وندڙ حرڪت تي لهي پون ٿا، ڪي آپگھات ته ڪي وري پسند جي شادي ڪري وڃي ڏورانهون ڏيهه وساين ٿا ۽ والدين اهڙن عملن تي سوچن جي ٻه واٽي تي پيا پڇتاءُ ڪندا آهن، جن مان ڪي والدين پٽن توڙي ڌيئرن جو مرڻ تائين به منهن ناهن ڏسي سگهندا ۽ پٽ توڙي ڌيئرون پنهنجن والدين جي به مرڻ تائين منهن ناهن ڏسي سگهنديون. ان لاءِ مان انهن والدين کي عرض ڪندس ته پنهنجي اولاد جي ڪجهه خوشين جو خيال ۽ پسند جي شادي جو کين مڪمل حق ڏيو.
محرم علي شر/هنڱورنو
بيوس اٺن، بار چڏيا!‎‎
واقعي يار بيوس اٺن بار چڏيا، جتي انصاف صرف نالي ماتر هجي اتي مست اٺ بيوس ٿي پوندا آھن، اهي حوصلو هاري چڏيندا آهن، بيوس ڪير به هجي، انسان هجي توڙي جانور هجي، دل برداشت ٿي واري جي دڙي اڳيا ڍير ٿي پوندي آھي، جتي ادارا آزاد نه هجن، جتي پوليس وقت جي حاڪمن جي حڪم جي تڪميل ڪري، جتي سرڪاري نوڪري هڪ خواب بڻجي وڃي، جتي چالاڪ پنهنجي چالاڪيءَ سان سادي ماڻهوءَ کي مٿي تي هٿ ڦيرائي وڃي، جتي انصاف وٺڻ لاءِ ڪنهن پئسي واري در اڳيان جتيون گسائي ان هنڌ تي بيوس ۽ لاچار جا حوصلا خطا ٿي ويندا آھن، بيوسيءَ مان هميشه لاءِ هارائي ويندو آهي.
ابراهيم لنڊ /ڪلوئي
اھميت ڪنهن جي: عارضي ڇوٽڪارو يا مستقل حل؟
پاڪستان پنهنجي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڻ ڳڻين مسئلن ۽ مونجھارن کي منهن ڏيندو آيو آھي، جيڪي اسان جيتوڻيڪ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڃا به انهن مان ڪيترائي عوام هن وقت تائين ڀوڳي رھيو آھي. انهن مان هڪ اھم مسئلو بيروزگاريءَ جو آھي، بيروزگاري اھڙي لعنت آھي جنهن مان ڪيتريون ئي برايون جنم وٺنديون آهن، بيروزگاريءَ سببان بک، بدحالي ۽ ڏوهن جهڙيون سماجي ۽ اخلاقي بيماريون پکڙجنديون آهن، پاڪستان ۾ بيروزگاريءَ جي شرح گذريل ڪجھ سالن کان لاڳيتو وڌي رھي آھي، بين الاقوامي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف جي پاڪستان جي معاشيات بابت تازو ئي جاري ٿيل رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال بيروزگاري جي شرح ۾ اڃا به 1.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيندو. گذريل سال دوران بيروزگاري جي شرح 4.45 سيڪڙو رھي جڏھن ته ھاڻوڪي اڳ ڪٿي موجب اھا شرح 5.1 سيڪڙو تي پهچندي، جتي لکين شاگرد ھر سال تعليمي سندون حاصل ٿا ڪن اتي اوتري تعداد ۾ روزگار جا موقعا پيدا نٿا ٿي سگھن، لکين ماڻهن کي لنگر کارائڻ کي نوجوان مسئلي جو حل نٿا سمجھن، توھان انھن کي ھميشه تايئن بنھ ڪين ٿا کارائي سگھو. ھڪ ڪارخانو ھزار لنگر خانن کان بهتر آھي، ماڻهن کي نوڪريون فراهم ڪرڻ ئي مسئلي جو ابدي حل آھي، ايئن ڪرڻ سان نه فقط غربت جو خاتمو ايندو پر ماڻهو ملڪ جي ترقيءَ ۾ بي حصو ڳنڍي سگھندا. منهنجي موجوده حڪومت کي گذارش آهي ته ھو روزگار جا موقعا پيدا ڪن ته جيئن بيروزگاري جو خاتمو اچي سگھي ۽ ملڪ ترقيءَ جي راھ تي هلي پوي.
ڪومل مسڪان/سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽي، ڪراچي
سنڌي نوجوانن جي مستقبل سان کيڏڻ بند ڪريو!‎‎
سنڌ سونهاري لطيف جي نگري، سچل، سامي، قلندر، سورهيه بادشاهه، صوفي شاهه عنايت جي ڌرتي آهي، جتان جا نوجوان محنت ۽ جدوجهد ڪري ڏينهن رات يونيورسٽين تائين پڙهي لکي ويٺا آهن پر کين روزگار جا وسيلا نه هئڻ ڪري گهر ۾ بيروزگار لڳا ويٺا آهن. سنڌ حڪومت پاران مختلف کاتن ۾ نوڪرين تان پابندي هٽائڻ جي اعلان کان پوءِ مختلف کاتن ۾ گريڊ هڪ کان چار تائين سرڪاري نوڪرين لاءِ سنڌ جي انهن تعليمي ادارن مان پڙهيل لکيل نوجوان به پڻ انهن پٽيوالي، ڊرائيوري، سينيٽري ورڪر، مالهي، داروغي، ڊسپينسر لاءِ اپلاءِ ڪيو آهي، ته من ڪا سرڪاري ڊيوٽي ملي پوي ۽ گهر جو گاڏو سٺو نموني هلي پوي ۽ قرضن مان جان ڇٽي پوي پر تازو هي تصوير سوشل ميڊيا تي نظر آئي آهي جنهن ۾ انهن نوجوانن جي خوابن کي چڪناچور ڪندي ڏکياريو ويو آهي، جيڪي نوجوان تڪليفون ڪاٽي قهر جي گرمي ۾ خرچ ڀري پنهنجا ڪاغذ اٽيسٽڊ ڪرائڻ ٿا، ڦوٽو ڪاپي جا خرچ توڙي پاسپورٽ سائيز ڦوٽو ڪڍرائي پنهنجون درخواستون جمع ڪرائي رهيا آهن پر ان تصوير ۾ انهن جا جمع ڪرايل ڪاغذ هڪ هنڌ جمع ڪري هڙون ٻڌي انهن کي ڪاٻاڙين جي حوالي ڪيو پيو وڃي، جي واقعي اهليت جي بنياد تي نوڪريون نه ڏنيون وينديون ۽ پئسن تي اهي آرڊر اڳ ۾ ئي ورهايا ويندا ته پو اسان جهڙن غريب مسڪين نوجوانن جو ڇا ٿيندو؟ پو اسان جا اهي ڦوٽو ڪاپين جا خرچ آفيسن جا چڪر اجايا آهن. مون سميت سنڌ جا لکين نوجوان سنڌ حڪومت کي اپيل ٿا ڪن ته خدارا نوڪرين ۾ ميرٽ تي عمل ڪيو وڃي.
آصف علي ابڙو/ ڪولاب جيئل