آئل ٽينڪرز ڪنٽريڪٽرز پاران ھڙتال جو اعلان

0
223

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آئل ٽينڪرز ڪنٽريڪٽرز پاران ھڙتال جو اعلان ڪيو ويو آھي، آئل ٽينڪرز ڪنٽريڪٽرز ايسوسيئشن چيو آھي تھ ٽيڪس ۾ واڌ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ کان ھڙتال ڪري رھيا آھيون، جنھن جي ڪري ڪراچي سوڌو مختلف علائقن ۾ تيل جي رسد روڪي رھيا آھيون، ٻئي پاسي آئل ٽينڪرز اونرز ايوسيئيشن ھڙتال بابت لاتعلقي جو اعلان ڪندي چيو آھي تھ اسان طرفان ھڙتال نھ ڪئي پئي وڃي، ڪياماڙي ۽ ٻين ڊپوز جي ذريعي تيل جي رسد جاري آھي.