اشو آف دي ڊي سنڌ يونيورسٽي پاران في ۾ واڌ نامنظور: سوشل ميڊيا تي ردعمل

0
283

سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران في ۾ 6 هزار کان 20 هزار رپين تائين واڌ ڪرڻ واري عمل خلاف سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ظاهر ڪيو ويو ۽ في ۾ واڌ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ جامي چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ اڪثريت غريب شاگردن جي پڙهي ٿي، سالياني فين ۾ ايتري واڌ ناجائز آهي، يونيورسٽي ٻيا اجايا خرچ گهٽائي، شاگردن ۽ سندن غريب والدين تي اهو بار نه وجهي اهو ناجائز فيصلو واپس ورتو وڃي، ڪورونا صورتحال اڳ ئي غريبن ماڻهن جي معاشي طور چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي وڌندڙ مهانگائي ۽ معاشي بحران سبب اصولي طور فيون گهٽايون وڃن ها پر ابتو فيون وڌائڻ ناجائز آهي اهو فيصلو واپس ورتو وڃي. جنهن تي شفيع ملاح لکيو ته بلڪل ايئن ٿيڻ گهرجي ها، امر سنڌو لکيو ته بھتر آھي توھان جھڙا ماڻھو سنڌ گورنمينٽ ۾ بجٽ لاءِ لابنگ ڪن. ھيڪ جڏھن کان ملڪي يونيورسٽين جي بجيٽ گھٽائي آھي تڏھن کان سڀني يونيورسٽين جيان سنڌ يونيورسٽي پڻ مالي خساري جو شڪار آھي. پبلڪ يونيورسٽين کي ھلائڻ لاءِ بجٽ جي ضرورت آھي ان ڪري سنڌ جي سڄڻن کي بجٽ لاءِ لابنگ ڪرڻ کپي. مٺل جسڪاڻي لکيو ته سڀ يونيورسٽيون جيتري به ممڪن رعايت ڪري سگهن ڪن. اڳي جي ڀيٽ ۾ ھاڻ في ججهن مدن ۾ به ۽ اڳي کان گهڻي به وصول ڪئي ويندي آھي. جيڪي ڪم اڳي بنا في ٿيندا ھئا، انھن تي به ھاڻ في مقرر آھي!؟ يونيورسٽين ۾ ماضي ۽ حال جي في اسٽرڪچر تي سنجيدگي سان ڪم ٿيڻ گهرجي. وجاهت هنڱورجو لکيو ته سنڌ يونيورسٽي ھاسٽل جي فيس ۾ 400 سيڪڙو اضافو ڪيو گذريل سال ۽ ھن ڀيري ساليانه فيسن ۾ 33 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آھي. ڪورونا ۾ يونيورسٽي لڳاتار بند رھي پر ان ھوندي به انتظاميا شاگرد دشمني تي لٿل آھي. يونيورسٽي جي ھاسٽلن، ڪئمپس، پوائنٽن ۽ لائبريري جي حالت به رحم جوڳي آھي. عبدالله آريجو لکيو ته ٻيون يونيورسٽيون 60 کان 71 هزار رپيا ماسٽر ڊگري پروگرام جا وٺن ٿيون سنڌ يونيورسٽي گهٽ وٺي ٿي، عبدالرحمان پيرزادو لکيو ته وائس چانسلر مقرر ڪرڻ جو هاڻوڪو طريقو عوام جي ملڪيتي يونيورسٽين کي اڃا پوئتي ڌڪيندو، حيدر ڀرڳڙي لکيو ته سڀ کان پهريان گهوسٽ ملازم ڪڍيا وڃن، خدا بخش ساند لکيو ته شاگرد دشمن پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي، نور احمد سمون لکيو ته فيسون ان ڪري وڌائن پيا ته جيئن غريب شاگرد پڙهي نه سگهن، سليم مگسي لکيو ته سنڌ جي سڄڻن کي يونيورسٽي انتظاميا سان ان معاملي تي ڳالهائڻ گهرجي، محمد سليم کوسو لکيو ته واڌو في وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، انيل حب علي لکيو ته سنڌ حڪومت سڄي سنڌ جي يونيورسٽين کي فنڊ ڏنو آهي پر سنڌ يونيورسٽي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي ته ان ۾ شاگردن جو ڪهڙو ڏوهه آهي، ايڊووڪيٽ فياض علي بجاراڻي لکيو ته يونيورسٽي کي ڪمائي جو ذريعو نه بڻايو شاگردن کي پڙهڻ ڏيو، نثار ٻرڙو پڻ فين ۾ واڌ خلاف پوسٽ شيئر ڪئي. برڪت نوناري پوسٽ شيئي ڪندي لکيو ته غريبن جي ٻارن لاءِ سنڌ يونيورسٽي جا در بند نه ڪريو، فين ۾ اضافو نا منظور، عباس چانڊيو، مظهر زرداري، عمير صديقي، بلاول عليم ملاح، يونس ڀالائي، سجاد علي، طاهر ڀٽو، ڪرشن به فين ۾ واڌ وارو فيصلو رد ڪيو. مير ڪمال کوسو لکيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميان اسان مٿا فين جو پھاڙ ڪيرائي ڇڏيو ھڪ ته ڪلاسز به فيز وائز ۽ آنلائن ھليا ڪووڊ جي ڪري فيس معاف ڪرڻ ته ٺهيو ويتر فيس وڌائي ڇڏين ميرٽ وارن جي فيس ۾ ھڪ ئي ڌڪ ۾ 7 ھزار جي واڌ ۽ سليف وارن جي فيس ۾ 15 ھزار جي واڌ ؟ ڪرپشن ڪن ھڪڙا ۽ ڀوڳيون وري اسان، شاگردن سان اھو ظلم بند ڪيو. ايڊووڪيٽ جمشيد هاليپوٽو لکيو ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو کي سڄو سيمسٽر فزيڪل/آف لائن ڪلاسز نه وٺڻ جي ڪري جيڪا ڪيترن خرچن ۾ گهٽتائي آئي آهي ان جو رليف شاگردن کي ڏيندي ساليانا فيسن ۾ گهٽتائي ڪرڻ کپندي هئي، ڇو ته سڄو سيمسٽر شاگرد ڪووڊ جي ڪري يونيورسٽي نه آيا ۽ يونيورسٽي جا ڪيترا ئي ٽرانسپورٽ کان ويندي فزيڪل اڪوموڊيشن تائين جا خرچ گهٽ ٿيا آهن. نند ڏاهاڻي، ڪوثر رضا، عمران علي چانڊيو، اويس احمد، اشفاق احمد، عبدالعليم کوسو، عبدالصمد نظاماڻي، نجيب الله ابڙو، آڪاش ملاح، علي ڪامران سهتو، زوهيب سومرو ۽ ٻين به پوسٽون شيئر ڪري فين ۾ واڌ کي رد ڪيو ۽ چيو ته اهڙو فيصلو واپس ورتو وڃي.