وائرليس پوليس ۾ مايوسي وارو وڌندڙ رجهان!
وائرليس پوليس ۾ مايوسي ۽ بيوسي وارو وڌندڙ رجهان آپگھاتن تائين پهچي ويو آهي، 27 اپريل 2021ع تي ايس آءِ پي مظفر چانڊيو سي پي او آفيس آڏو وردي پائي پاڻ ساڙڻ تي مجبور ٿيو، ۽ ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ سول اسپتال ڪراچي جي برنس وارڊ ۾ هن پساهه پورا ڪيا. هن تي رشوت وٺڻ، اهلڪارن کي ويزا تي ڇڏڻ ۽ هڪ عورت وائرليس آپريٽر جي ڏنل درخواستن تي مختلف انڪوائريون هلندڙ هيون، پاڻ ساڙڻ کان اڳ هن عاجزاڻي ۽ بيوسي واري ڪيفيت ۾ پنهنجي مخالف گلزار پٺاڻ ڏانهن پيغام ڇڏيو جيئن ڪو عاشق پنهنجي رسي ويل محبوب کي آخري پيغام موڪلي پرچائيندو آهي ۽ کيس خوش رهڻ جون دعائون ڏئي پاڻ ساڙڻ جو واضح طور ٻڌائي ٿو، سندس پيغام جو سڌو سنئون مطلب اهو هو ته مون کي جي بچائڻ چاهيو ته بچائي سگهو ٿا نه ته آئون پنهنجي زندگي جو آخري فيصلو ڪري چڪو آهيان. مظفر چانڊيو شايد پنهنجي مخالف گلزار پٺاڻ جي بيوفائي ۽ سنگدلي کان ناآشنا هو، چون ٿا ته گلزار پٺاڻ ۽ مظفر چانڊيو هر معاملي ۾ هڪ هئا، هڪڙو هڻ ته ٻيو کڻ هوندو هو، پوءِ ڇا ٿيو؟  آفيسرن اڳيان روز روز پيش ٿيڻ، وضاحتون ڏيڻ، ذليل و خوار خراب ٿيڻ ۽ روز روز جي مرڻ کان هڪڙي ئي مرڻ کي اوليت ڏئي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، هو ڪنهن به آفيسر وٽ پيش نه ٿيندو، ڪاري وردي ساڙي اڇي وردي پائي هو وڏي سرڪار وٽ پهچي ويو، سندس ڏوهن توڙي ثوابن جو فيصلو هاڻي اهو ئي ڪندو، جيڪو بااختيار ۽ حڪمت وارو آهي، هن سموري ماجرا جو مقصد اهو آهي ته اڳتي اهڙي ڪنهن به دل ڏکائيدڙ واقعو پيش اچڻ کان اڳ انصاف جون سموريون تقاضائون پوريون ٿيڻ گهرجن نه ته مظفر چانڊئي جي آپگھات کي آخري آپگھات نه سمجهڻ گهرجي.
ايس آءِ پي جمشير لغاري/ شهدادپور 
هڪ چٺي آءِ جي سنڌ پوليس ڏانهن!
اسلام عليڪم، سائين، اوھان جي کاتي جو سب انسپيڪٽر مظفر حسين چانڊيو اوھان جي پوليس ھيڊ ڪوارٽر سي سي پي او سامھون آءِ آءِ چندريگر روڊ تي اوھان جي کاتي طرفان ۽ اوھان جي پوليس ۾ لڪل ڪارين رڍين جي بيحسي تي پاڻ سان ٿيل ڊپارٽمينٽل ناانصافي سبب سڙندو رھيو پر نه اوھان جي ڪنهن کاتي جي ھونھار آفيسر، ڪنهن ڪميشنڊ آفيسر، ڪنهن ايماندار ذميوار آفيسر ۽ نه ڪنهن غيرتمند آفيسر ھن کي سڙڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ته نه ڪئي پر اوھان جي کاتي جي ميڊيڪل پوليس آفيسر به اسپتال ۾ انسپيڪٽر مظفر چانڊيو جي مالڪي نه ڪئي ۽ نه ڪنهن وقتائتي سار لڌي، ائين ھي پنهنجي کاتي کي سونپيل پنهنجي جوانيءَ جا سهڻا يادگار ڏينهن پنهنجي ابي امڙ کان ۽ ننڍڙن ٻچن جون آھون ۽ ڪوڪون کڻي اوجھل ٿي ويو. شھيد مظفر چانڊيو پوليس کاتي ۾ خوش اصلوبيءَ سان اھا آس کڻي ڊيوٽي ڪندو رھيو ته پوليس کاتي ۾ روزي به ڪندو رھان ۽ جي ڊيوٽي دوران ڪا شھادت نصيب ٿئي ته سرخرو به ٿي وڃان پر حقيقت اھا آهي ته اوھان جي کاتي ۾ لڪل ڪارين رڍن ھن کي عزت جي ڊيوٽي ڪرڻ ڏني، بس اوھان جي کاتي طرفان جي هن غريب کي ڪجھه مليو ته اها ويچارگي، لاچاري، مفلسي ۽ درد ڀريو موت ئي آهي جيڪو مان سمجھان ٿو تاقيامت اوھان جي کاتي لاءِ ملامتن ۽ بي اعتباري جو وڏو دليل آهي ته اوھان جي کاتي طرفان عام ماڻهن سان ته وارتا ۽ ويڌنون ھميشه ٿينديون آهن پر اوھان جي کاتي طرفان پنهنجي ئي پٽي ڀائيءَ سان ناانصافي ڪري کاتي تي جيڪو داغ لڳو آهي اهو شايد اوھان طرفان ڪا انصاف ڀري موٽ ملڻ ۽ شھيد جي خون سان انصاف ٿيڻ ڪرڻ صاف ٿي سگھي.
علي محمد کوسو/ شهدادڪوٽ 
احساس پروگروام، ڪورونا جا ڪلور ۽ ايس او پيز جي لتاڙ!
جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته ملڪي سطح تي توڙي جو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪورونا وبا جي ٽين لهر شروع ٿيندي ئي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، سڀ کان گهڻو نقصان هن وقت ايشيا جي ملڪ ڀارت ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ڪورونا جي موذي مرض کي مات ڏيڻ لاءِ يقينن پاليسي جي ضرورت آهي پر انهن سمورن ڳالهين جي ابتڙ جيڪا پاليسي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ انڪم سپورٽ پروگرام، احساس پروگرام تحت ملندڙ رقم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي وجود پيرسن عورتون ۽ بزرگ مرد سڄو ڏينهن پئسن جي آسري پوليس اهلڪارن جون لٺيون کائين ٿا ۽ گهڻيون عورتون سڄو ڏينهن بئنڪ جي اڳيان اس ۾ ويهي ڏوڪڙن لاءِ بيرحم اهلڪارن جا ڏنڊا کائين ٿيون، بئڪن يا سينٽرن تي سڄو سسٽم سفارش ۽ فون ڪال تي هلي رهيو آهي، جتي مخلتف ايجنٽ ۽ پوليس اهلڪار هر ڪارڊ تي پنج سئو کان هزار وٺن ٿا ۽ ڏوڪڙ حاصل ڪندڙ وجودن جي تعداد حد کان مٿي هجي ٿو جنهن سان ڪورونا وبا ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو ۽ ايس او پيز لاءِ قانون اگهور ننڍ ستل آهي، ان لاپرواهيءَ جو نتيجو جلد سنڌ جي عوام کي ڀوڳڻو پوندو، جيڪڏهن ان وبا کي روڪڻو آهي ته مڪمل احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو ۽ عوام کي هن ڏکي گهڙيءَ مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جڏهن ته موجوده حڪومتن کي ڪا اهڙي پاليسي استعمال ڪرڻي پوندي ۽ هر ڳوٺ ۽ هر شهر ۾ مخلتف سينٽر کوليا وڃن ۽ گهر وڃي موبائيل ٽيمون جوڙيون وڃن جيئن هر وجود سولائيءَ سان رقم حاصل ڪري سگهي ۽ اها سهولت عوام کي ڏئي مڪمل طور تي ان وبا کان ڇوٽڪارو ڏيارو وڃي ته جيئن اها وبا سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام کان ڏور رهي.
عبدالغني “عبد” آريسر/ ڍورونارو
21 رمضان المبارڪ، عظيم ھستي جي شھادت جو ڏينھن!‎
حضرت علي عه جن فرمايو آهي ته جيڪڏھن توھان ان وقت به مسڪرائي ملي سگھو ٿا جنھن وقت توھان پوري طرح ٽٽي چڪا ھجو ته پوءِ يقين ڪريو ته دنيا ۾ اوھان کي ڪو به شخص ٽوڙي نٿو سگھي، 21 رمضان حيدر ڪرار ۽ شير خدا حضرت علي عليه السلام جي شھادت جو ڏينھن آهي، حضرت علي عليه سلام جو جنم 13 رجب جمعي جي ڏينھن ڪعبت الله شريف ۾ ٿيو، ٻڌائين ٿا ته نبي پاڪ جي نبوت جي اعلان ۽ اظھار کان 10 سال اڳ حضرت علي جنم ورتو، ڪافي جڳھين تان معلوم ٿئي ٿو ته حضرت علي عليه السلام کي خدا تعالي! ساڍا 4 سئو پھلوانن جي طاقت سان نوازيو ھو، گڏوگڏ سنڌي نصاب مان اھو پڻ معلوم ٿئي ٿو ته بدر جي جنگ ۾ ھڪ ھزار پھلوانن جي برابر سمجھيو ويندڙ عبدود کي به حضرت علي عليه السلام قتل ڪيو، جنھن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته رب سائين ڪيتري طاقت سان علي عليه السلام کي نوازيو ھو،  حضرت علي عليه السلام جو فرمان آهي ته غربت ۾ سخاوت ڪرڻ ڪاوڙ ۾ سچ ڳالھائڻ ۽ طاقت ھوندي به معاف ڪري ڇڏڻ سڀ کان بھترين نيڪيون آھن، ٻئي ھنڌ فرمائين ٿا ته لفظ انسان جا غلام ھوندا آھن ھا پر صرف ڳالھائڻ کان اڳ تائين ۽ ڳالھائڻ کان پوءِ انسان پاڻ ئي لفظن جو غلام بڻجي ويندو آھي.
رياض امر ٻجورو/سجاول
راڻيپور يوٽلٽي اسٽور عوام لاءِ بي لاڀ بڻيل
راڻيپور جي يوٽيليٽي اسٽور ۾ کنڊ ۽ گيھ غريبن بدران اسٽور انچارچن، دڪاندارن ۽ ڊيلرن کي بليڪ تي وڪرو ڪئي پئي وڃي، راڻيپور يوٽيلٽي اسٽور صارفن لاءِ بي لاڀ بڻيل آھي. اسٽور انچارج گيھ، کنڊ، چانور ۽ ٻيو سامان دڪاندارن کي وڪرو ڪرڻ لڳو آهي، مھانگائيءَ سٽيل راڻيپور جو عوام جو اسٽور جو رخ ڪري ٿو ته انھن کي اھو جواز ڄاڻائي واپس ڪيو وڃي ته سامان مٿان کان نٿو اچي، جڏھن ته سامان جي لوڊ گاڏيون ڊيلرن ۽ دڪاندار جي ڀانڊن ۾ لاٿيون وڃن ٿيون ۽ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ لاءِ ايجنٽ مقرر ڪيا ويا آهن. يوٽيلٽي اسٽور تي راشن جي خريداري لاءِ آيل مسڪينن کي خالي ھٿين واپس ڪيو ٿو وڃي، رمضان پيڪيج غريبن تائين نه پھچي سگھيو آهي، يوٽيلٽي اسٽور انچارچ مسڪين ماڻھن کي روزانون ساڳيو ئي جواز ڄاڻائي سامان مٿان کان نٿو اچي موٽائي ڇڏي ٿو، اڄ 23 روزو آھي، پوءِ به راڻيپور جي علائقي واسين تائين پيڪيج نه پھچي سگھيو آهي. يوٽيلٽي اسٽور تان سستو راشن ناھي ملي سگھيو، اسٽور انچارج 15 سالن کان مقرر آھي جيڪو غريبن کي  راشن ڏيڻ بدارن دڪاندارن کي سامان بليڪ تي وڪرو ڪري رھيو آھي، اسان نئب، ايف آءِ اي ۽ لاڳاپيل ادران کي اپيل ٿا ڪريون ته اسٽور انچارج جي ملڪيت جي جاچ ڪرائي راڻيپور يوٽيلٽي اسٽور جي موجوده اسٽور انچارج کي ھٽائي ڪو  ايماندار اسٽور انچارچ مقرر ڪيو وڃي جيئن راڻيپور جي عوام کي اسٽور مان فائدو ملي سگھي.
وحيد علي ڄامڙو/راڻيپور
خدا جو خوف دل ۾ ڌارجي!
عبادت ڪرڻ سا به ان جي جنهن جي قبضي ۽ قدرت ۾ اسان جي جان آهي قلب کي سڪون ملندو آهي، ڪالھ ھڪ عجيب ڳالهه محسوس ڪيم، ھڪ دوست تراويح پڙهڻ دوران ھر ٻي رڪعت ۾ جڏهن حافظ رڪوع ۾ وڃڻ لاءِ الله اڪبر ٿي چيو ته ھو موبائيل کيسي ۾ وجهي رڪوع ۾ ٿي ويو، وري سلام وارائڻ کان پوءِ وري موبائيل ۾ ميسيج ۾ لڳي ٿي ويو، جڏھن وري رڪوع ۾ وڃڻ جو وقت وڃي ٿي ٿيو، ڇا ان نماز ۾ خشوع ۽ خضو قائم رھيو؟ رب جي رضا ملي سگھندي؟ جنهن جي لاءِ نماز پڙهي ويندي آهي اھا حاصل ٿيندي؟ اهڙا دوسٽ جڏهن اهڙيون حرڪتون نماز دوران ڪندا آهن ته انهن سان گڏ نماز پڙهندڙن جو پڻ ڌيان انهن ڏانهن ڇڪجي ويندو آهي، جيڪا انساني فطرت ۾ شامل ٿيندو آهي. خدا اسان کي حقيقي نماز پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي، شال اسين خدا کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ۽ ھو مالڪ اسان تي پنهنجو رحم و ڪرم ڪري.
امر کتري/ٽنڊوباگو 
اسان جون روڪيل پگهارون ڏنيون وڃن!
ڪلوئي ويجهو يوسي ڀٽارو فارم جو رهواسي عبدالوهاب سومرو ڪريسنٽ ماڊل اسڪول جهڏو جي ايڊمن طرفان گورنمينٽ ٽيچر محمد افضال آرائين جهڏو جي پرائيويٽ اداري مان سنڌي ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف کي نيڪالي ڏئي ڇڏي 2020ع کان ڪورونا جي آڙ ۾ ملازمن جون پگهارون بند ڪري ڇڏيون، ملازم عيد جي خريداري کان محروم بڻيل اعليٰ آفيسرن ڪو ٻوٽو نه ٻاريو، ملازمت ڪندڙن ۾ ناريون نيامت ڪڇي، فاطمه ڪڇي، شعيب کوسو، ذيشان ڀرڳڙي، عمران ڀرڳڙي، علي رضا خاصخيلي، عبدالرحمٰن ڪنڀر، عبدالوهاب سومرو، بچل، بهرام خشڪ، معشوق خشڪ، نور محمد مغيري ۽ علي رضا مغيري ۽ ٻيا به ڪيترائي استاد شامل آھن، استادن موجب ايڊمن اسان کي هٽائي اسان جون ڪيترن ئي مهينن جون پگهارون روڪي ڇڏيون آھن، هنن اعليٰ اختيارين کان هن چٺي وسيلي مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته اسان کي نوڪرين تي رکيو وڃي ۽ اسان جو پورھيو بند ٿي ويو آهي پگهارو ڏنيو وڃن نه ته ٻي صورت ۾ پر امن احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.
صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎
آخري ڏهاڪي شروع ٿيڻ کان پوءِ خريداري لاءِ بازارن ۾ رش!
رمضان شريف ۾ آخري ڏهاڪي جي شروع ٿيڻ سان ئي سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ خريداريءَ لاءِ رش وڌي ويندي آهي. عيد جي خريداري ڪرڻ لاءِ شهري بازارن جو رخ ڪندا آهن، خاص ڪري وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ شهرين جو وڏو انگ رمضان مهيني ۾ بازارن جي رخ ڪيو. رمضان بازارن جي لڳڻ شرط خاص ڪري اٽو ۽ کنڊ وٺڻ لاءِ شهرين جون وڏيون قطارون ڏسڻ ۾ آيون. شهرين طرفان مطالبو ڪندي اهو ٻڌڻ ۾ آيو ته کنڊ محدود مقدار بجاءِ وافر مقدار ۾ فراهم ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ جو کنڊ رمضان مهيني ۾ گهڻي استعمال ٿيندي آهي. ضرورت ۾ ايندڙ خاص شين جو جائز اگھه تي دستياب ڪرائڻ حڪومت جو ڪم آهي، جيئن جيئن روزا گذرندا ويندا آهن ته آخري ڏهاڪي کان پوءِ عيد جي خريداريءَ لاءِ بازارن ۾ عيد اسٽال نظر ايندا ۽ ماڻهو خريداري ڪندي نظر ايندا آهن پر اڄ ڪلهه جي مهانگائي ۽ بيروزگاري واري دور ۾ ماڻهو ڄڻ ته بازارن مان ڪا به شيءِ خريد ڪرڻ جي سگهه وڃائي ويٺو آهي. جنهن جو خاص سبب حدر درجي جي بيروزگاري، مهانگائي ۽ ناجائز منافعو رکندڙن جي هٺ ڌرمي چئبي. ماڻهو ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان نظر اچي پيو، سواءِ ناجائز مال کٺو ڪندڙن ۽ مالدار ماڻهن جي، ظاهر آهي ته ناڻو کيسي ۾ هوندو ته ڪجھ خريداري به ٿي ويندي. هن وقت ڳالهه اها آهي ته عيد مٿان آهي، عيد جي خريداري لاءِ بازارن ۾ رش وڌي ويندو. وڏن وڏن شهرن ۾ مارڪيٽن ۽ شاپنگ هالز ۾ ماڻهو خريداري لاءِ نڪري ايندا، وڌ ۾ وڌ ان ڳالهه جو خاص خيال رکڻ کپي ته ماڻهن کان جائز اگھه ورتا وڃن ته دڪاندارن کي ناجائز منافعو نه رکڻ کپي.
اسلم ماڪو/پنوعاقل
سنڌ ڌرتيءَ جا سپوت!
هن ڌرتي تي ڪيترن ئي موڀي پٽن جنم ورتو آهي، جيڪي پنهنجن ڪارنامن ۽ خدمتن عيوض مشهور آهن، جيڪي پنهنجو قلم سان حق ۽ سچ لکندا رهن ٿا ۽ ڪڏهن به ڪنهن کان ڊنا ناهن، نه وري ڪڏهن جهڪيا آهن، جيڪي پنهنجي پيشي سان سچا آهن ۽ حق سچ لکندا رهن ٿا. انهن نالن مان هڪ ايماندار، سچو، حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيندڙ چاچا عبداللطيف شر پڻ هڪ آهي، جيڪو پنهنجي قلم سان ڌرتي ڌڻين جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پڄائي ٿو. جيڪو ڪڏهن به ناهي جهڪيو نه ئي وري وڪاميو آهي، هميشه مظلومن جو آواز بڻجندو رهيو آهي. چاچا عبداللطيف پيروسڻ ۾ نورانين جي مسئلي تي سڀ کان پهريان پهچي انهن جي وچ ۾ هلندڙ تڪرار جي منظر جا “سين” رڪارڊ ڪري چينل وسيلي اعليٰ ايوانن تائين پڄايا. اهو علائقو جيتوڻيڪ “نوگو” ايريا به هو پوءِ به انهن کان موقف ورتا, ان کان سواءِ انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ مهراڻ هاءِ وي بابت ماڻهن کان ڪوريج وٺي اعليٰ ايوانن تائين آواز پڄايو. جتي به عوامي مسئلو ٿيندو آهي “ٽائيم نيوز” چينل پهريان نيوز ڪاسٽ ڪندو آهي، اهي اڻٿڪ محنتون ۽ جاکوڙ چاچا عبداللطيف شر جون آهن، جيڪو ڏينهن هجي توڙي رات، سڀ کان پهريان پهچي ماڻهن جا مسئلا چينل تي هلائيندو آهي، ان ۾ چاچا عبداللطيف جون هڪ ايماندار صحافي طور جاکوڙ ۽ خدمتون آهن، اهڙا صحافي هميشه عوامي دلين ۾ جايون ٺاهيندا آهن، جيڪڏهن صحافي چاچا عبداللطيف جيان ٿئي بنا ڊپ ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سان ڪم ڪندا ته آئون سمجهان ٿو ته اسان وٽ ڪنهن سان ڪو به ڏاڍ، ظلم ۽ ناانصافي  نه ٿيندي ڇو ته اهي ڪنهن به وڏيري يا ظالم ماڻهو کان نه ئي خوف ڪندا نه ئي وري وڪامجندا.
ارسلان جاويد شر /ٺري ميرواهه
ڳوٺ موليڏني خاصخيليءَ جي باهه متاثرن جي سهائتا ڪريو!
ٻه ڏينهن اڳ نندي شهر لڳ ڳوٺ موليڏني خاصخيليءَ جي گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي ۽ 35 کان مٿي غريب پورهيتن جا گهر مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويا، گهرن ۾ پيل هنڌ، بسترا، کٽون، اناج، ٻڪرين، رڍن ۽ ٻئي چوپائي مال سميت ٻيو قيمتي سامان سڙي ويو، اهڙو اطلاع کوسڪي پوليس ۽ باهه وسائڻ واري عملي کي ڪيو ويو، باهه وسائڻ وارو عملو روايتي سُستيءَ جو مظاهرو ڪندي ڪلاڪ دير سان پهتو، جڏهن سڀ ڪجهه سڙي ختم ٿي ويو هو. اهڙي اطلاع تي ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاهنواز خان، اي سي ٽنڊوباگو ۽ ٻين سميت باهه متاثرن وٽ پهتا، جن پنج لک رپين جي امداد سميت 50 ٽينٽ، 50 بسترا ۽ 200 مڇر دانيون ڏيڻ جو اعلان ڪيو، نندي شھر جي واپاري ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچيءَ غلام نبي ميمڻ جي ڀاءُ حاجي عبدالستار ميمڻ پڻ متاثرن جي سهائتا لاءِ 3 لک رپين جي امداد جو پڻ اعلان ڪيو پر حيرت ۽ ڏُک ان ڳالهه جو آهي ته ڪو نه چونڊيل نمائندو باهه متاثرن وٽ لڙي نه آيو، اليڪشن جي موسم هجي ها ته سڀ چونڊيل نمائندا رستا لتاڙي پهچن ها پر هن ڏُکيءَ مهل ۾ وٽن لڙي متاثرن جي مالي سهائتا ڪرڻ نه پهتا. متاثرن ڳوٺاڻن جو 60 لک رپين کان مٿي جو نقصان ٿيو آهي، ان جي جاءِ تي ڊپٽي ڪمشنر بدين فقط 5 لک رپين جي مالي امداد جو اعلان ڪيو، جيڪو تمام گهٽ آهي. ڊپٽي ڪمشنر بدين کي گهرجي ته باهه متاثرن جي مالي امداد ڪرڻ لاءِ هڪ خاص پيڪيج جو اعلان ڪري ته جيئن متاثر ڳوٺاڻا پنهنجا اجها ٻيهر اڏي پنهنجي زندگي سڪون سان گذاري سگهن، ان سان گڏ فلاحي تنظيمن توڙي سڄي سنڌ جي سرنديءَ وارن کي نماڻي اپيل ٿي ڪجي ته ڳوٺ موليڏنو خاصخيليءَ جي باهه متاثرن جي هنگامي بنيادن تي مدد ڪئي وڃي.
احسان ملاح/نندو شهر
ضلعي ٺٽي ۽ سجاول کي پيئڻ جو پاڻي ڏيو!
هن وقت سموري سنڌ ۾ پاڻيءَ جي انتهائي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي ڇو ته گرمين جا سخت ڏينهن شروع ٿي ويا آهن، جنھن سبب پکي ۽ جانور پڻ مرڻ لڳا آهن، ماڻهو گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ضلعي سجاول ۽ ٺٽي ۾ به پاڻيءَ جي انتهائي کوٽ پيدا ٿي چڪي آهي جنهن سبب ماڻهو پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ به پريشان ٿي ويا آهن، چوپايو مال به اڄ وگهي مرڻ لڳو آهي، شهرن ۾ به پاڻي جي انتهائي کوٽ جي ڪري غريب ڏيهاڙيدار مزدور جيڪو هن ڀلاري مهيني ۾ مهنگائي ۽ بيروزگاري جو شڪار آهي سو پاڻي پئسن تي وٺڻ تي مجبور ٿي چڪو آهي. زميندار ۽ هاري طبقو فضل پوکڻ لاءِ پريشان آهي، ضلعي سجاول ۽ ٺٽي ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ سبب هن ڀلاري مهيني ۾ عوام تمام گهڻو پريشان آهي. وس وارن کان اهو مطالبو ٿو ڪجي ته پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ کي ختم ڪري روزدار ماڻهن ۽ بيزبان جانورن کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.
سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول
پ پ حڪومت کي سوچڻ گهرجي!‎
پاڪستان پيپليز پارٽي سنڌ ۾ لاڳيتو ٽيون ڀيرو حڪومت ڪري رهي آهي ۽ ان سڄي عرصي ۾ جي جاچجي ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڏاڍيون بي واجبيون ٿيون آهن، جيڪي پ پ حڪومت جي آشيرواد کان سواءِ ممڪن نه هيون. مثالطور پ پ پ جي ئي حڪومت ۾ سنڌ جا خيرخواهه اڳواڻ ماريا ويا، سنڌ ۾ جبري گمشدگين ۾ تيزي آئي، ڪراچي ۾ ڪراچي واسين سان ڌارين کان جٺيون ڪرايون ويون، هنن سمورن مسئلن ۾ پ پ پ ڀلي پاڻ کي آجو رکڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري پر هينئر سنڌ جو هر ننڍو وڏو ڄاڻي ٿو ته ان ۾ پ پ پ حڪومت جي منشا شامل هئي، ڀلا تازي مسئلي کي ڏسو ته وفاق جو سنڌ جي ٻيٽن تي ناجائز قبضي تي به پ پ پ حڪومت ٻڏتر جو شڪار رهي ۽ ان هيڏي مسئلي تي پ پ پ حڪومت مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي، بعد ۾ جڏهن سڄي سنڌ جو شعور اٿي کڙو ٿيو ته پ پ پ به مجبور ٿي ڪجهه ٺلها بيان ڏنا، جن جو نه دشمن کي ڀئو نڪي سڄڻ کي آسرو، جهڙا هئا. تازو هڪ سرمائيدار ۽ قبضي مافيا جيڪو هميشه سنڌ جون زمينون ٻلي جيان تڪيندو رهيو آهي، ان جي چرچ تي ملير ۾ قديم ڳوٺن کي مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ۾ خانگي فورسز ۽ ڳرين مشينون ساڻ ڪري ملير جي ڳوٺن تي هلان ڪئي وئي، اهڙا منظر ته فلسطين ۾ به نه هوندا، اها سڃي ويڌن پ پ پ جي آشيرواد کان سواءِ نه ٿيندي ڇو ته (PPP equals to Baheriya Managements) آهي، جنهن جو ثبوت هن هيڏي واقعي تي پ پ پ جي مجرماڻي خاموشي آهي، جيڪو پ پ جو ملوث هجڻ جو چٽو ثبوت آهي، تنهنڪري اسان وري به پ پ پ حڪومت کي چئون ٿا ته سنڌ جي مينڊيٽ جو احترام ڪري، پنهنجي فطرتي ٻٽي معيار کان پاسو ڪري، هاڻي سنڌ جو عوام اوهان جي ٻٽي معيار کان چڱي طرح واقف ٿي چڪو آهي، تنهنڪري بحريا ٽائون جي ناجائز ولار تي قدم کڻو ۽ انتي پنهنجو چٽو موقف ڏيو.
غلام الله گاڏهي/نصيرآباد