بدقسمتيءَ تي ويچار!

ننڍي هوندي دادو کي ويٽنام جو لقب ملڻ جو بڌندا هئاسين، ماڻهن ڪوڙ هڻي هڻي پڪ ڏياري ڇڏي پر جڏهن وک وک سنڀالي ۽ سانڀر ۾ ٿياسين ته خبر پئي ته دادو کي ويٽنام سڏيو ويندو هو پر حقيقت ۾ انتظامي طور تي دادو بدنام آهي، دادو ضلعي جا شهر، ڳوٺ اداراتي طور تي تباهه آهن پر ضلعي هيڊڪوارٽر شهر به مڪمل طور تي “ڀڃ ڊاهه” ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي، ايڏي بيوسي آهي جو ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي اوقات صوبائي حڪومت کان صرف چند فائر برگيڊ وٺڻ جي به ناهي ۽ ڳالهه وري ڪندا ته وفاق هڙ کائي ويو. تازو دادو شهر جي شاهي بازار ۾ هڪ شاپنگ سينٽر جي دڪانن کي باهه لڳي وئي، باهه جو اطلاع ترت مقامي فائر برگيڊ عملي کي ڏنو ويو جنهن مان هڪ ڄڻو پاڻ گاڏي ڪاهي آيو ۽ پاڻ ئي پئي باهه وسائي، شاپنگ سينٽر جي تقريبن 10 دڪانن کي باهه وڪوڙي وئي پر فائر برگيڊ جي گاڏي “جنهر” ۽ عملو نه هجڻ ڪري دڪانن جو سامان خاڪ ٿي ويو، بعد ۾ سيوهڻ مان فائر برگيڊ گهرائي وئي، تسيتائين سڀ ڪجهه ڪارو ٿي چڪو هو ۽ لکين رپيا دونهون ٿي ويا، اخبارن ۾ پڙهندا آهيون ته دادو جي فلاڻي ڳوٺ ۾ باهه ترت اطلاع باوجود فائربرگيڊ دير سان پهتي، جنهن سبب نقصان ٿيو، پر هي واقعو ته شهر ۾ ٿيو ۽ فائر برگيڊ جي آفيس به سڏ پنڌ تي هئي ته پوءِ ايڏو نقصان ڇو؟ ان لاءِ جو اها ضلعي، تعلقي، ڳوٺن جي ته بدقسمتي آهي پر ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي به وڏي بدقسمتي آهي، ڪوڙي جمهوريت هجڻ ۽ آمريت گذرڻ جا مثال ڏئي عوام جي اکين ۾ مرچ وجهندڙ جي اوقات پنهنجي حڪومت کان ٻه چار فائر برگيڊ وٺڻ جي به ناهي، وري دعويٰ ڪندا ته اسان دادو ضلعي سدائين “ڪلين سويپ” ڪيو آهي، دادو ۾ شاپنگ سينٽر ناهي سڙيو پر 4 لک آبادي واري شهرين جي قسمت سڙي آهي، ان سان گڏ چونڊيل نمائندن، “ڄنڊا پَٽ” جي اهم مرڪز دادو ميونسپل ۽ فائر برگيڊ جي پت وائکي ٿي آهي. تازو ئي وفاق خلاف رڙيون ڪندڙ پنهنجين غلطين تي ڪڏهن به نه ويچاريندا. پ پ پ سرڪار، ضلعي مان مقرر ٿيل وڏي وزير جا ٻه صلاحڪار، ايم اين اي، ايم پي اي ۽ ڊي سي دادو باهه متاثر دڪاندارن جي لکين وپين جو ازالو ڪيو وڃي ۽ انهن جي خاندانن کي وڌيڪ پريشانين کان بچايو وڃي.

درياءُ خان جهتيال/دادو

اچو ته پنھنجي حال تي ماتم ڪريون!

  منھنجون لکڻيون اڪثر ڪري سماجي مسئلن جي حل ۽ انهن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ھونديون آھن، سماج جي چئوطرف اوندهه لڳي پئي آھي، لاقانونيت، عدم تحفظ، سماجي ناانصافيون، سماجي برايون، تعليم جي کوٽ، ڪرپشن ادارن جي تباھي سميت ھزارين سماجي مسئلا آھن. اسين ھميشه انھن مسئلن جو ذميوار وقت جي حڪومت کي سمجھندا آھيون، اسان ڪڏھن اھو سوچيو آھي ته ڇا انھن مسئلن جا ذميوار اسان پاڻ ته نه آھيون؟ يا اھي مسئلا پيدا ڪرڻ ۾ اسان جو ڪردار ته نه آھي؟ حقيقت ۾ جيڪو ڪجھ اسين ڀوڳيون پيا ان جي ذميوار حڪومت وقت سان گڏوگڏ اسين پاڻ پڻ آھيون، اسين اليڪشن ۾ اھڙن ماڻھن کي چونڊرائيندا آھيون جيڪي بعد ۾ اسان مٿان جابر حڪمران بڻجي حڪمراني ڪندا آھن، اسان جي اھا روش پنجاهه سالن کان جاري و ساري آھي، اسان جي ڏاڏي ھڪ سياستدان کي ووٽ ڏنو، ان جي مرتئي کان پوءِ اسان جي ابي وري ان مرحوم سياستدان جي پٽ کي ووٽ ڏنو، وري اسان ابي مرحوم جي گراھڪ سياستدان جي مرڻ پڄاڻان سندس پٽ کي ووٽ ڏينداسين، يعني اسين نسلن کان وڏيرن، سردارن، نوابن، جاگيردارن ۽ ڀوتارن وٽ گروي ۽ سندن غلام آھيون. ابي ڏاڏي جي ريت کي زنده رکيون پيا اچون، اسان جي ان ريت ۽ روش اسان کي اڄ اھڙي منزل تي پھچايو آھي ته اسان جا لاش کڻڻ لاءِ ايمبولينس به نه آھي، لاشن جا پوسٽ مارٽم سوئيپر پيا ڪن، سرڪاري اسپتالون ڀڙڀانگ لڳيون پيون آھن، اسڪول بند، تعليم تباهه بڻيل آھي، اھڙي صورتحال ۾ مسئلن جو ڪنھن ٻئي کي ذميوار قرار ڏيڻ بجاءِ اچو ته پنھنجي حال تي ماتم ڪريون، ڇو ته اھو ماحول اسان پاڻ پنھنجي لاءِ پيدا ڪيو آھي، ھاڻ روئڻ پٽڻ، دانھون ڪوڪون ڪرڻ سان اسان کي ڪجھ حاصل نه ٿيندو، رب پاڪ قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي ته مان ڪنھن قوم جو تقدير ايستائين نٿو بدلايان جيستائين ڪا قوم پنھنجي تقدير بدلائڻ لاءِ پاڻ ڪوشش نٿي ڪري، اچو ته پنھنجي تقدير تبديل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيون، ڪوشش ڪريون ته ڪيئي سالن کان پاڻ مٿان ٿاڦيل علاقائي، ملڪي، ڪرپٽ، چور، ٺڳ، ليٽيرن، ديسي دلالن کي ٿڏي سچار ۽ صالح ۽ ايماندار ماڻھن کي ووٽ ڏئي پنھنجي تقدير تبديل ڪيون.

اسماعيل بھلڪاڻي/تنگواڻي

پادر کائڻ جي روايت!

  ڪنهن زماني جي ڳالھ ڪندا آهن ته پاڪستان جي موجوده حاڪم عمران خان جھڙو ھڪ حڪمران پاڪستان جهڙي ڪنھن ٻئي ملڪ تي حڪومت ڪندو هو، ان اتان جي عوام جي برداشت کي ماپڻ لاءِ مختلف قسم جا حربا هلايا، مهانگائيءَ جا وڏا وڏا بم ڪيرايا پر اسان جي ملڪ جي عوام جيان اتان جي عام شهرين جو به ڪو به ردِ عمل سامھون نه آيو. آخر اهو حڪم ڏنائين ته هڪ اهڙي ٽيم ٺاهي وڃي جيڪا ملڪ ۾ رهندڙ ھر عام شهريءَ کي صبح صبح جو ٻه ٻه پادر يا موچڙا هڻندي، پوءِ اهو شهري ڪنهن ٻئي ڪمڪار لاءِ ويندو. صبح ٿيو، وڏيون وڏيون اک کٽندڙ ڊگهيون قطارون لڳي ويون. ماڻهن کي پادر لڳڻ شروع ٿي ويا، ٻئي ڏينهن تي وقت جي بادشاهه جي محل اڳيان لکن ڪروڙن جي انگ ۾ عام شهرين گڏ ٿي احتجاج ڪيو، بادشاهه پريشان ٿي ويو، هڪ سياڻي وزير چيس ته پھريان هنن شهرين کان بادشاھي محل اڳيان جمع ٿيڻ جو سبب پڇيو وڃي، جنهن تي مظاهرين چيو بادشاهه سلامت اسان هڪ عرض کڻي توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيا آهيون، عرض اھو آھي ته توهان جيڪا پادر يا موچڙن هڻڻ واري ٽيم جوڙي آهي ان ۾ پادريشن ڪرڻ وارن جو انگ وڌايو وڃي ڇو ته پادر کائڻ واري ڪارروائيءَ ۾ گھڻي دير ٿي لڳي وڃي، جنھن ڪري ڪم تي پهچڻ جو وقت ختم ٿي وڃي ٿو. حاصل مطلب، اسان جي ملڪ جو به ساڳيو ئي حال آهي، هڪ ڏينهن ۾ ايترو وڏو مهانگائيءَ جو بم ڪيرايو ويو آهي نه ڪا هڙتال ٿي نه ڪٿي ڪو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، آخر غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاريندڙ عام ماڻهو جو ڇا ٿيندو؟

علي گل شيخ/ اوٻاوڙو

حڪومتي عهدا امانت آهن!

                 اخلاقي خرابيون عام جام آهن، سياست ۽ معيشيت بگاڙ جو شڪارآهي، ان صورتحال ۾ نظرون توهان قابل احترام شخصيتن ڏانهن وڃن ٿيون، جن کي رب تعاليٰ اهم عهدو فرمايو آهي، جڏهن ان حيثيت کي شريعت جي گھرجن موجب استعمال ڪيو وڃي ته جيڪر پورو ملڪ يا گھٽ ۾ گھٽ هڪ ادارو يا ان جو ڪجھه حصو درست ٿي سگھي ٿو. جيڪڏهن هي قابل احترام عهديدار پنهنجي دائري ۾ اها ذميواري انجام ڏيندو رهي ته ڏسندي ئي ڏسندي سڄو ملڪ صحيح رخ سفر ڪرڻ شروع ڪندو نه ته گھٽ ۾ گھٽ جيڪو به قابل احترام عهديدار اها ڪوشش ڪندو ته رب تعاليٰ سندس دنيا ۾ عزت ۽ مان مرتبو وڌائيندو. ان جذبي کي سامهون رکندي هي تحرير اوهان جي خدمت ۾ موڪلجي ٿي، اميد ته ڌيان سان پڙهي پنهنجي لاءِ هميشه جي خوشبختي هوندي. عام طور تي عهدو حاصل ڪرڻ وڏو اعزاز سمجھيو ويندو آهي، ڪنهن حد تائين اها ڳالهه صحيح به آهي پر شريعت جي دليلن جي روشنيءَ ۾ ڪنهن حد تائين صحيح آهي جڏهن فرد واقعي ان عهدي جو لائق هجي ۽ ان عهدي تي پهچي، پنهنجون ذميواريون به پوري محنت، امانت ۽ ديانت سان ادا ڪري، ٻي صورت ۾ اهو ئي عهدو دنيا ۽ آخرت ۾ فرد لاءِ مصيبت ۽ پڪڙ جو سبب بڻجي ويندو آهي. انسان عهدي ۽ منصب جون سڌون ڪندو آهي ڇو ته هو سمجھندو آهي ته اها لذت جي شيءِ آهي، جيتوڻيڪ اها لذت جي شيءِ ناهي بلڪه هڪ هڪ پائي پئسي جي حفاظت جو نالو آهي. اها ڳالهه حضور اڪرم ﷺ جن جي ارشاد ۾ چئي وئي آهي، پاڻ ﷺ جو فرمان عاليشان آهي ته “بيشڪ توهان امير عهديدار بڻجڻ جو حرض ڪندا، جيتوڻيڪ اهو عهدو قيامت جي ڏينهن شرمساريءَ جو سبب بڻجندو. هڪ ڀيري حضرت ابوذر غافي رضه عرض ڪيو ته يارسول اللهﷺ اوهان مون کي ڪو سرڪاري عهدو عطا فرمايو.(جاري)

حاجي غلام حسين ڀلائي/سينٽرل جيل حيدرآباد

زندان جي جھروڪن مان!

  اڄ سڄو ڏينهن بور ٿيڻ کان پوءِ رات گذاري صبح جو ننڍ مان اٿي شيو ٺهرائڻ لاءِ کوليءَ کان ٻاهر سيلون ڏانهن ويس ته سامهو هڪ جھوني قيديءِ تي نظر پئي جيڪو پنهنجي ئي قيدي پٽ جي لاءِ دوا وٺي وڃي رهيو هو، شايد سندس پٽ جي طبيعت ٺيڪ نه هئي، هن جھوني قيدي جي حالت خراب ڏسي اهو سوچڻ تي مجبور ٿيس ته جنهن گھر جا 5 ڀاتي جيل ۾ بند هجن ان گھر جي ڪهڙي حالت هوندي؟ سندن ٻچڙا ڪهڙي حال ۾ زندگي گذاريندا هوندا، سندن گھر جو گذر سفر ڪيئن ٿيندو هوندو ۽ سندن معصوم ٻارن جي تعليم جو ڇا ٿيندو هوندو، ڏٺو وڃي ته هن مهانگائي جي دور ۾ ڏکيائيءَ سان گھر جو گاڏو هلائڻو ٿو پوي ۽ پوءِ اهڙي دور ۾ جيل اندر هڪڙي قيدي جو خرچ پوري گھر ڀاتين جي خرچ برابر آهي، اڪثر مون جيل ۾ ڏٺو آهي ته کوڙ اهڙا ڪيس آهن جن ڪيس ۾ هڪ ئي گھراڻي جا ٽي کان پنج ڀاتي قيد هوندا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي ته ايئن به ٿيو آهي ته هڪ ئي ڪيس ۾ پنج کان 10 جوابدار قيد هوندا آهن،. بلڪل اهڙِ ڪيس ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 ڀاتي قيد آهن. هنن قيدين ۾ سائين هاشم شاهه، سائين عاشق شاهه، دلٺار شاهه، محمود شاهه ۽ سائين سڪندر شاهه وارا آهن، جيڪي پنهنجي ئي سوٽن جي دشمنيءَ سبب جيل ۾ قيد آهن ۽ سندن فريادي وڪيل آهي جيڪو وڪيل هئڻ جي ڪري سائين وارن کان طاقتور آهي ۽ ڪورٽ سڳوريءَ جو سهارو وٺي زمين جي ڪوڙِ ڪيس ۾ کين ڦاسائي سڀني کي جيل ڀيڙو ڪيو اٿس. پويان سندس ڪيس جي پيروي ڪرڻ لاءِ ڪو اهڙو ماڻهو ناهي جيڪو سندن مالڪي ڪري سگھي. سائين هاشم شاهه وارن کي جيل ۾ تقريبن 9 کان 10 سال ٿيا آهن، جيڪي پاڻ چار ڀائر ۽ پنجون سندس پيءُ ڪيس ۾ گڏ اٿن، سندس پوڙهي والد جي عمر لڳ ڀڳ 55 کان 60 آهي، هنن ڀائرن ۾ سائين منٺار شاهه ننڍو آهي جيڪو جيل کان ٻاهر هڪ ڪاليج ۾ شاگرد آهي، جنهن جي ڪيس سبب تعليم متاثر ٿي وئي آهي، هنن جا چار ڀائر ۽ جھونو والد جيل ۾ هجي ته ان جوان پٽ لاءِ وڏو امتحان هوندو، جن جا 5 ڀاتي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ سزا ڀوڳي رهيا هجن، هنن قيدين جو جيل ۾ هر ڏينهن موت برابر آهي، هي خاندان ڪنهن مسيحا جي انتظار ۾ آهي.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد

ڳوٺ حاجي پيرڏنو ٻجورو جي اسڪولن تي خاص نظر!‎‎

  اسان جو ڳوٺ حاجي پير ڏنو ٻجورو جيڪو ضلعي ۽ تعلقي سجاول جي يوسي  ٻيلو ۾ واقع آھي، ھن ڳوٺ ۾ ٻه اسڪول آھن جن ۾ ھڪ بوائز پرائمري ۽ ٻيو گرلس پرائمري اسڪول آھي، پھرين گرلس پرائمري اسڪول جي ڳالھ ڪريون ته ان اسڪول جي ڪافي سالن کان مرمت جو ڪم نه ٿيڻ ڪري معصوم نياڻين ۾ ھر وقت خوف واري لھر ڇانيل آهي، ھر وقت اھو خوف رھندو آھي ته ڪنھن به وقت اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري سگھن ٿا، اسڪول ۾ موجود شاگردياڻين يا ٽيچرز کي ھر وقت پنھنجي جان جو پڻ خطرو کڻڻون پوي ٿو، گڏوگڏ گرلس اسڪول جي ڀرسان ئي بوائز پرائمري اسڪول آهي جنھن کي به ڪا چوديواري نه ھڻڻ ڪري ساڳئي طرح ھي اسڪول به گھڻي عرصي کان مرمت جو ڪم گھري رھيو آھي پر تعليم کاتي جي انتظاميا جي بيڌيانيءَ سبب ھنن ٻنھن اسڪولن جا نه رڳو چاپڙ ڪرندا رھن ٿا پر ھتي فرنيچر جي پڻ سخت کوٽ آهي. ان ڪري ضلعي سجاول جي چونڊيل نمائندن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کي گذارش ٿي ڪجي ته خدارا ڳوٺن جا روڊ رستا ته آھن ئي تباھ جيڪي ته شايد ٺھندا ئي ڪو نه پر اسان گھر ٿا ڪريون ته مھرباني ڪري ڳوٺ حاجي پير ڏنو جي گرلس پرائمري اسڪول جي مرمت ڪرائڻ سان گڏ گھربل سھولتون مھيان ڪيون وڃن، ان سان گڏ ھن ڳوٺ جي بوائز پرائمري اسڪول جي چوديواري ٺھرائي ڏني وڃي جيڪا به تمام اھم آھي، انکان سواءِ بوائز پرائمري اسڪول کي پڻ گھربل سھولتون مھيا ڪيون وڃن.

افضل نبي ٻجورو/ٻيلو،سجاول

گداگر فقيرن جي

سار ڪير لھندو؟

  ٺل تعلقي ۾ ساريالي فصل جو لابارو شروع ٿي ويو آھي، اتي گداگر فقيرن جا وڏا ٽولا ساريالي فصل جي گڏي وٺڻ لاءِ پھچي ويا آھن، مهانگائي سبب گداگر فقيرن ۾ وڏو اضافو اچي ويو آھي، گداگر فقير گڏي جي آس تي ڳوٺن ۾ وڃن ٿا، زميندارن ۽ ھارين ۾ ھاڻ گداگر فقيرن لاءِ اھي احساس ئي ناھن رھيا، گداگر فقيرن لاءِ ڳوٺاڻن ماڻھن ۾ جيڪي اڳ احساس ھوندا ھئا ھاڻ وقت جي دز ۾ انھن جا احساس به لٽجي ويا آھن، جيڪي ماضي ۾ گداگر فقيرن کي ڳوٺن ۾ جھوپڙيون ٺاھرائي ويھاريندا ھئا، انھن ڏينھن ۾ ڳوٺاڻا ماڻھو اميري غريبي ۽ فقيري کي نه ڏسندا ھئا، بس رڳو انسانيت کي اوليت ڏيندا ھئا، ڳوٺاڻا رات جو خدا واستي انھن کي ماني ۽ کيرن جا گلاس ڀھري ڏيندا ھئا، باھ جي مچ تي راتين جو انھن سان ڏک سور به اوريندا ھئا ته انھن جي ڏکي، سکي ۾ مدد به ڪندا ھئا، انھن ڳوٺاڻن، زميندارن ۽ ھارين ۾ انسانيت جو ماڻپو ۽ غريبن لاءِ احساس ۽ ھمدردي به ھوندي ھئي. گداگر فقير ۽ انھن جا معصوم ميرا گدلا ٻار جڏھن سارين جي بٽائيءَ دوران پنھنجيون جھوليون جھلي بيھندا ھئا ته انھن کي سارين جون جھوليون ڀري ڏيندا ھئا، اڄ جي ھن دجالي دور ۾ انھن گداگر فقيرن کي ساريالي فصل جو گڏو ڏيڻ لاءِ ڪو راضي ناھي ۽ نه ئي انھن کي ڳوٺن ۾ ڪو رھائڻ لاءِ راضي آھي.  گداگر فقير ٻه ويلا ماني به کائي نٿا سگھن، جنھن ڪري انھن جي زندگي سورن ۾ گذري ٿي. خدارا گداگر فقير به انسان آھن، انھن کي ساريالي فصل جو گڏو ڏئي انھن کي ڳوٺن ۾ رھائي انھن سان ڏک سور اوري انھن جي ڏکي، سکي ۾ مدد ڪيو، جيئن اوھان جا وڏڙا انھن جي مدد ڪندا ھئا ۽ انھن سان ڏک سور اوريندا ھئا، گداگر فقيرن سان جيئن اوھان جا وڏڙا پيش ايندا ھئا انھن پنھنجن وڏڙن جون قائم ڪيل انھن ريتن رسمن کي ته نه ڇڏيو.

محمد رمضان نوناري/ٺل

نيوڇور جي رستن

 تان گند هٽايو!‎‎

  نيوڇور مان گندگي جي نڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه پيو ٿئي، گذريل پنج ڏينهن کان نيوڇور ۾ صفائي جو ڪم مس وڃي شروع ٿيو پر گٽر نالن مان ڪچرو ڪڍي ٻاهر روڊ تي ڦٽو ڪيو ويو آهي جنهن جي بدبوءِ ماڻهن جو گھمڻ ڦرڻ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي، شهر توڙي پاڙن جي گٽر نالن مان ڪچرو ڪڍي ٻاهر روڊ تي ڦٽو ڪيو ويو آهي پر ان کي کڻائي ٻاهر ڦٽو ڪرڻ ڪنهن جي ذميواري آهي؟ انتظاميا جي يا عوام جي آخر ڪنهن جي حڪم تي اها صفائي ٿئي پئي ۽ گندگيءَ جا ڍير روڊن تي سجاوٽ تي رکيا ويا آهن، انهي کان بهتر هو گندگي گٽر نالن ۾ رهي ها، ٻاهر ڪڍي عوام جي ڏکيائين ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، هي گندگي آخر ڪڏهن روڊ ۽ رستن تان کڄي نيوڇور جي حددن کان ٻاهر ڦٽي ڪئي ويندي؟ جيئن عوام روڊ تي نڪ تان هٿ لاهي هلي. اعليٰ انتظاميا انهي تي عمل ڪرائي گندگي روڊن تان کڻائي روڊ رستا صاف ڪرائي ته جيئن نيوڇور جي عوام ڪجھ سک جو ساھ کڻي سگهي، گندگي کڻايو نيوڇور سنواريو.

ڪاشف ڪنڀر/نيوڇور

يوسي ٻيلو جي ٽن ڳوٺن کي سم نالي جي سهولت ڪڏهن ملندي؟

  يوسي ٻيلو تعلقي ۽ ضلعي سجاول جي ڳوٺن، ڳوٺ محمد خان ٻجورو، ڳوٺ حاجي طالب ٻجورو ۽ ڳوٺ حاجي پير ڏنو ٻجورو ۾ سم نالي جو نظام نه هجڻ ڪري برسات وقت ٽئي ڳوٺ برساتي پاڻيءَ جي لپيٽ ۾ اچي وڃن ٿا. سوين گهرن تي ٻڌل ٽئي ڳوٺ برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي وڃن ٿا. هتي غريب هارين جا فصل پڻ برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي سڙي تباهه ٿي وڃن ٿا. هر سال ٽنهي ڳوٺن ۾ برسات جو پاڻي چار کان پنج فوٽ بيهي وڃي ٿو، جنھن سبب عام زندگي پڻ متاثر ٿئي ٿي. ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ سم نالو نه هجڻ ڪري ڪافي عرصو پاڻي بيهي وڃي ٿو، جنھن سبب مکين ۽ مڇرن جو آزار پڻ وڌي وڃي ٿو. مليريا ۽ ڪالرا سميت ٻيون بيمارين پڻ ڪر کڻن ٿيون پر ڳوٺن کي سم نالي جي سهولت ڏيڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي. ڳوٺ محمد خان ٻجورو، ڳوٺ حاجي طالب ٻجورو ۽ ڳوٺ پير ڏنو ٻجورو جي رهواسين هتان جي چونڍيل نمائندن ۽ بالا آفيسرن کي روبرو به چيو آهي ۽ لکت ۾ پڻ ڏنو آهي پر سم نالي ڏيڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي. اسان جي سنڌ حڪومت توڙي سجاول ضلعي جي انتظاميا کان اهو مطالبو آهي ته اسان جي هنن متاثر ڳوٺن کي سم نالو ڏئي وڌيڪ پريشانين کان بچايو وڃي.

سيد علي رضا شاهه/ ٻيلو، سجاول

ھڪڙي چٺي سيد امير علي شاھه ۽ قاسم سراج سومرو جي نالي!‎‎

  سائين اميد ته خوش ھوندا ! جيئن ته ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر تي قابل احترام سائين مرحوم پير نورمحمد شاھ جيلاني جو وڏو ووٽ بئنڪ آھي، اھو ووٽ رڳو پيپلز پارٽي نه پر پيري مريدي ۽ گادي جي صورت ۾ به توھان کي ملي ٿو توھان جي پوري تڪ ۾ اقليتي برادري جو ووٽ 50 سيڪڙو آھي، اھا غريب اقليتي عوام پارٽي نظرئي ۽ اقليتي اڳواڻن ڊاڪٽر کٽو مل جيون ۽ گيانچند جي چوڻ موجب پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏئي سوڀارو ڪري ٿي، ان جو تازو مثال اھو آھي جو پي ٽي آءِ اميدوار ابن راھمون ڇاڇرو تڪ تان ھارايو ۽ ننگر تڪ تان کٽيو، افسوس اھو آھي ته اليڪشن گذرڻ کان پوءِ اقليتي نمائندا ۽ اميدوار غريب اقليتي عوام جا جائز مسئلا ٻڌڻ ۽ حل ڪرڻ ۾ لاءِ تيار ناھن ھوندا، ھن وقت جڏھن ترقياتي ڪمن جي لسٽ آئي آھي ته يوسي تڳوسر مصري شاھ توڙي تڪ جي ٻين يوسيز جي اقليتي اميدوارن جا ڪم زيرو آھن، روڊ رستا بجلي پنھنجي جاءِ تي پر پيئڻ جي پاڻي جا سولر سمبر پمپ به ڪنھن غريب ميگھواڙ ڀيل ڪولھي کي ناھي مليو ۽ وري به ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھ واري ڪار سياسي ڀوتار ۽ بي ووٽ وڏيرا توھان جي خوشامد ڪندي نظر اچن ٿا، ترقياتي ڪمن توڙي ٻين پارٽي معاملن ۾ انھن جي راءِ ورتي وڃي ٿي، ننگرپارڪر ۽ ڇاڇرو تڪ تان اقليتي برادري مايوسيءَ جو شڪار آھي، افسوس اھو آھي ته ترقياتي ڪم پنھنجي جاءِ تي پر اقليتي برادري کي تحفظ فراھم ڪيو، انھن تڪن تان ڪيترين ئي ھندو نياڻين کي ورغلائي شاديون ڪندڙ جلسا ڪري رھيا آھن ۽ توھان اقليتي برادري جي تحفظ بدران جلسن ۾ شرڪت ڪري رھيا آھيو؟ جنھن سان غريب اقليتي برادري ۾ مايوسي ۽ ڏک ضرور آھي ۽ توھان تي معيار ضرور ٿئي ٿي، ترقياتي ڪمن کان معذرت اسان جي اقليتي برادري جي حقن ۽ ننگن جي پارت آھي گھاون، تي مرھم بدران لوڻ ته نه ٻرڪيو.

مڪيش ميگھواڙ/ ننگرپارڪر

جشن عيد ميلادالنبي ﷺملهائڻ ۽ جشن چراغان!

  نبي ڪريم ﷺ جي آمد تمام انسانيت لاءِ رب تعالى جي عظيم نعمت جو درجو رکندي آهي، ربيع الاول جي 12 تاريخ تي يعني جشن عيد ميلادالنبيﷺ واري ڏينهن خوشي ۽ مسرت جو اظهار ڪرڻ، مسڪينن کي کاڌو کارائڻ، ميلاد شريف جا جلوس ڪڍڻ، جلسه منعقد ڪرائڻ، ڪثرت سان درود شريف جو پڙهڻ وڏو ثواب آهي. ولادت باسعادت جي ڏينهن محفل ميلاد ڪرڻ جي فائدن مان فائدو اهو آهي ته امن امان ۽ خير گذرندو آهي. رب تعالى ان شخص تي جشن عيد ميلادالنبيﷺعيد جي خوشي جيان ملهائڻ ڪري وڏو ڪرم فرمائيندو آهي. هن مهيني ۾ سيد انبيا والمرسلينﷺ جي ولادت باسعادت ٿي. سڀ کان پهريان اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته ميلاد جي حقيقت ڇا آهي. ميلاد، مولود، مولد اهي ٽئي لفظ متقارب المعنى آهن. ميلاد جي حقيقت صرف اها آهي ته مسلمان هڪ جاءِ جمع ٿيڻ ۽ عالم دين انهن جي سامهون رحمت اللعالمين حضرت محمدﷺ جن جي ولادت مبارڪ ۽ پاڻ ڪريمﷺجي معجزن ۽ اخلاق ڪريمه جي صحيح روايت سان بيان ڪرڻ ۽ نفلي عبادت سان گڏ آخر ۾ بارگاهه رسالت ۾ درودو سلام باادب طريقي سان پيش ڪيا ويندا آهن. جنهن وقت ولادت ٿي ته نور ئي نور چو طرف ڇائنجي ويو. حضورپاڪﷺجي ولادت جي ڪري دنيا ۾ انسانن لاءِ رحمتن ۽ خوشحالين جو دور شروع ٿيو. نبي ڪريمﷺ جي آمد سان ڪفر جي اونداهي ختم ٿي. هر طرف روشني ڦهلجي وئي، عربستان ۾ خوشيون اچي ويون، ڇاڪاڻ ته رب تعالى هن جهان ۾ پنهنجي محبوب سرڪار دو عالم حضرت محمدﷺ جي ولادت باسعادت ڪري چڪا ها. پاڻ ڪريمﷺپوري ڪائنات جي انسانن لاءِ هن دنيا ۾ رحمت اللعالمين بڻجي تشريف فرما ٿيا. جنهن ڪري هي مهينو اهميت وارو آهي. 12 ربيع الاول تي سڄي ملڪ اندر محفل نعت جلوس ۽ ريلين جو انعقاد ڪيو ويندو آهي، سرور ڪائناتﷺ جي ولادت جو جشن ملهائڻ لاءِ مسجدن ۽ سرڪاري هنڌن تي چراغان ڪيو ويندو آهي، سڄي ملڪ جي مسلمان ڀائرن کي جشن عيد ميلاالنبيﷺ مبارڪ هجي.

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل