لاڙڪاڻو: پاڪ فوج جو ميجر سڏارائيندڙ جوابدار گرفتار

0
408
لاڙڪاڻو: پاڪ فوج جو ميجر سڏارائيندڙ جوابدار گرفتار
لاڙڪاڻو: پاڪ فوج جو ميجر سڏارائيندڙ جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو(ن پ ا) پاڻ کي پاڪستان آرمي جو ميجر سڏارائيندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار فدا حسين سوهو کان پڇا ڳاڇا دوران هن جي کيسي مان پاڪ فوج جي ٽوپي ۽ جرسي پاتل تصوير ملي آهي

پوليس موجب گرفتار جوابدار فدا حسين سوهو ڳوٺ بگي تعلقي ڏوڪري جو رهواسي آهي ۽ هن اعتراف ڪيو ته کيس ڪا به سرڪاري نوڪري ناهي، باقي هي سچ آهي ته مان پاڻ کي آرمي جو ميجر طور ظاهر ڪيان ٿو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي.