# ٽوئيٽر ٽاپ ٽرينڊ پيٽرول مهانگو ڪرڻ تي عوام ٻئي ڏينهن به ڪاوڙيل

0
140

 پيٽرول پرائس، ڊو مرو عمران خان، فيض حميد استعيفا دو، ميٽرڪ رزلٽ 2021ع، آر ايس 10.49، سلام شهداءَ ڪارساز، انگلينڊ، ويسٽ انڊيز ۽ٻيا ٽاپ ٽرينڊ رهيا، ڊوب مري عمران خان، پيٽرول پرائس ۽ آر ايس 10.49هيش ٽيگ ٽرينڊ ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف عوام پاران پوسٽون شيئر ڪيون ويون ۽ عمران حڪومت مٿان تنقيد ڪئي وئي. هڪ صارف پاران تصوير شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو ته پيٽرول مهانگو ٿيڻ کانپوءِ همراهه گڏهه تي وڃي رهيو آهي ۽ ان تي پي ٽي آءِ جا جهنڊا به لڳل آهن. هڪ ٻي وڊيو به وائرل ٿي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو ته هاڻي ماڻهن موٽر سائيڪل وڪڻي سائيڪل وٺڻ شروع ڪئي آهي ۽ ڪجهه ماڻهن وري موٽر سائيڪل کي سائيڪل بڻائڻ لاءِ ان کي پينڊل لڳرائي ڇڏيا آهن. وقار يونس پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وزيراعظم عمران خان چيو هو ته جڏهن بجلي ۽ پيٽرول جي قيمت وڌي ته سمجهو وزيراعظم چور آهي پوءِ هاڻ ڇا سمجهون؟  محمد طاهر ڀٽي نواز شريف سان منسوب جملو شيئر ڪيو ته مون چيو هو نه تبديلي فراڊ آهي هاڻي يقين آيو؟  حماد وزيراعظم جو بيان شيئر ڪيو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته مهانگائي جي ڪري مون کي رات جو ننڊ ناهي ايندي، جنهن لاءِ لکيو ته اهو وڏو لطيفو آهي. سوشل ميڊيا تي اڪثر ماڻهن چيو ته وزيراعظم کي شرم اچڻ گهرجي هن کي پنهنجا ماضي جا بيان ڏسڻ گهرجن، مهانگائي گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي.