پنج سالن کان ماءُ ڌڪا پئي کائي، پوليس هڪ ماڻهو کي نٿي پڪڙي سگهي، آءِ جي سنڌ خلاف ڪارروائي ٿيندي: سپريم ڪورٽ

0
217
وفاقي سرڪار پاران چونڊون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ڪراچي مان اغوا ٿيل ٻن نياڻين جي بازيابي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

ڊاڪٽر مهرين بلوچ طرفان اڳوڻي مڙس کان ڌيئرن جي بازيابي لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو ويو هو، جنهن جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي

سپريم ڪورٽ سنڌ پوليس ۽ جي آءِ ٽي جي اڳڀرائي رپورٽ رد ڪندي چيو آهي ته پراڻي رپورٽ ۾ لفظن جي ڦيرڦار ڪري نئين رپورٽ ٻيهر جمع ڪرائي وئي آهي، اڳڀرائي رپورٽ ۾ جاچ بابت ڪو به ٺوس مواد موجود ناهي

چيف جسٽس ايس ايس پي ڏکڻ ڪراچي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن پوليس کي دلچسپي هجي ها ته 5 سالن کان ماءُ ڌڪا نه کائيندي رهي ها، اڄ جي دور ۾ ڪنهن کي تلاش ڪرڻ ڪهڙو مشڪل آهي؟ 5 سال گذري ويا هڪ شخص قانون جي پڪڙ ۾ نٿو اچي

جسٽس سجاد علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته 5 سالن کان جوابدارجي مالي مدد ڪير ڪري رهيو آهي؟، جنهن تي ايس ايس پي ڏکڻ چيو ته جوابدار سان رابطي ۾ رهڻ وارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي آهي، ڪراچي ۾ هڪ هنڌ ڇاپو هنيو ته پوليس جي خلاف ئي ڪارروائي ٿي وئي، جڏهن ته جي آءِ ٽي جو سربراهه جو تعلق آءِ بي سان آهي

ان تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته صرف عقلمنديءَ سان جاچ جي ضرورت آهي، جنهن تي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ چيو ته ٿي سگهي ٿو جوابدار پنهنجو شناختي ڪارڊ تبديل ڪيو هجي، عدالت نادرا کي نوٽيس جاري ڪري، جنهن تي جسٽس سجاد علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ڇا سنڌ حڪومت خود نادرا کان معلومات نٿي وٺي سگهي

عدالت آءِ جي سنڌ، جي آءِ ٽي سربراهه ۽ ٻين ميمبرن کي طلب ڪندي چيو ته سمورن آفيسرن کي ايندڙ ٻڌڻي تي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿين

سنڌ جي پراسيڪيوٽر جنرل عدالت کي ٻن هفتن جي مهلت ڏيڻ جي درخواست ڪئي جيڪا منظور ڪئي وئي، سپريم ڪورٽ چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تائين ڇوڪرين جو پتو نه لڳايو ويو ته آءِ جي سنڌ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي