ايس ايس پي دادو اي وي ايل سي کي غير فعال ڪري ڇڏيو

0
124
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

ميهڙ (ن پ ا) ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون دادو ضلعي ۾ قائم سي آءِ اي ۽ اينٽي وھيڪل لفٽنگ سيل اي وي ايل سي کي پوري ضلعي اندر غير فعال ڪري ڇڏيو آهي

ايس ايس پي پاران غير فعال ڪيل يونٽن جي اسٽاف کي پوليس لائن رپورٽ ڪرڻ جو پڻ چيو ويو آهي

عرفان سمون چيو آهي ته شھرين کي آگاھ ٿو ڪجي تهہ دادو ضلعي ۾ ھاڻي پوليس جي سي آءِ اي ۽ اينٽي وهيڪل لفٽ سيل واريون  ٽيمون مڪمل بند آھن

ان کان اڳ ايس ايس پي دادو سي آءِ اي پوليس پاران ڏوهارين کي رشوت عيوض آزاد ڪرڻ تي سي آءِ اي جي اڳوڻي انچارج بشير لاکير سميت 7 پوليس اهلڪارن تي پڻ ڪيس داخل ڪيو هو