خانيوال(م ڊ) خانيوال ۾ ڦر دوران 17 ورهين جي ناري سان زيادتي، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. خانيوال جي علائقي ڪبير والا ۾ داخل ٿيل ايف آءِ آر موجب ٽن هٿياربندن ڦر جي ارادي سان گهر ۾ داخل ٿي گهر ۾ گهڙي 17 ورهين جي ناري سان زيادتي ڪئي. ناري جي فرياد ۾ داخل ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته ڌاڙيل گهر مان قيمتي سامان ۽ 10 هزار رپيا روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا. پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.