ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم ) سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه جو اٽو مهانگو هجڻ تي ناراضپو: سمورن ضلعن جي انتظاميا  کي ايڪشن ۾ اچڻ جي هدايت، ان ڏس ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اٽي سميت کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي ۽ اگهن جو جائزو ورتو ويو، خوراڪ واري وزير مڪيش چاولا اجلاس کي ٻڌايو ته خوراڪ  کاتي وٽ 6 لک 18 هزار 569 ٽن ڪڻڪ موجود آهي، جيڪا فيبروري مهيني تائين گهرجن جي پورائي لاءِ ڪافي آهي، مارچ جي پهرين هفتي  ۾ نئين ڪڻڪ اچڻ شروع ٿي ويندي، جنهن بعد اگهه پاڻمرادو هيٺ اچي ويندا، هن چيو ته  اسان پرڳڻي جي  فلور ملن ۽ چڪين کي روزانو 8000 کان 12000 ٽن ڪڻڪ جاري ڪري رهيا آهيون جنهن تي وڏي وزير مراد شاهه سوال اٿاريو ته جيڪڏهن خوراڪ کاتو وافر مقدار ۾ ڪڻڪ جاري ڪري رهيو آهي ته پوءِ صوبي ۾ اٽي جي قيمت تي ڪنٽرول ڇونه پيو ٿئي؟ وڏي وزير هدايت ڪئي ته اٽي جي قيمتن تي ڪنٽرول ڪري اوپن مارڪيٽ ۾ اگهه 95 رپيا في ڪلو تي پهچايو وڃي، جڏهن ته سبسڊي واري سستي اٽي جي فراهمي 65 رپيا في ڪلو جي حساب سان جاري رکي وڃي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته پرڳڻي جي سمورن ضلعن جي  انتظاميا کي متحرڪ ڪيو وڃي ته جيئن نه رڳو اٽي پر کاڌي پيتي جي ٻين شين جهڙوڪ ڀاڄين، ميون، ڪڪڙ، وڏي ۽ ننڍي گوشت، بيضن ۽ دالين جي اگهن کي ڪنٽرول ڪري سگهجي.