ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مان  پابندي مڙهيل تنظيم جا 3 دهشتگرد گرفتار، ان ڏس ۾ ايس ايس پي ڪياماڙي فدا جانوري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پوليس اتحاد ٽائون مان بندش پيل تنظيم بي ايل اي جي 3 دهشتگردن ياسر، شهزاد ۽ ياسر کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا آهن، انهن کي پرڏيهه  مان آپريٽ ڪيو ويندو هو، کين دشمن ملڪ فنڊنگ پڻ ڪندو رهيو آهي،هن چيو ته  جوابدارن سعيد آباد هيڊڪوارٽر ويجهو گشت تي موجود پوليس پارٽي تي حملو ڪيو، جنهن ۾ اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا، هن چيو ته گرفتار ڪيل دهشتگرد ڦر دوران هٿ ايندڙ رقم به دهشتگردي ۾ استعمال ڪندا آهن،