پنجاب ۾ حڪمراني کسڻ بعد اتحادي حڪومت وفاق ۾ اقتدار برقرار رکي سگهندي يا نه؟

0
214
اتحادي حڪومت وفاق ۾ اقتدار
پنجاب ۾ حڪمراني کسڻ بعد اتحادي حڪومت وفاق ۾ اقتدار برقرار رکي سگهندي يا نه؟

پنجاب ۾ حڪمراني کسڻ بعد اتحادي حڪومت وفاق ۾ پنهنجو اقتدار برقرار رکي سگهندي يا نه؟ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ نون ليگ جي سينيئر قيادت جي اجلاس جي اندورني ڪهاڻي سامهون اچي وئي
اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ وڏي وزير حمزا شهباز به شرڪت ڪئي ۽ پنجاب ۾ ننڍي چونڊ ۾ شڪست جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي وئي
اجلاس ۾ ننڍي چونڊ ۾ پارٽي جي شڪست جي سببن ۽ ايندڙ حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي
رپورٽ ۾ چيو ويو ته نون ليگ کي شڪست اميدوارن جي چونڊ جي ڪري ٿي آهي، ن ليگ جن اميدوارن کي ٽڪيٽ ڏني، اُهي پولنگ واري ڏينهن ووٽرز کي گهرن مان ٻاهر به نه ڪڍي سگهيا
رپورٽ ۾اهو چيو ويو آهي ته ن ليگ کي شڪست جو ڪارڻ ملڪ ۾ تازو ئي ٿيل مهانگائي به آهي، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهو مهانگائي سبب حڪومت تي ڪاوڙيل آهي

ھي به پڙھندا

پنجاب جي 20 تڪن مان 15 تي پي ٽي آءِ جي ڪاميابي بعد وڏو وزير حمزه شهباز اڪثريت وڃائي ويٺو