لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان جي سينيئر اداڪار شان شاهد چيو آهي ته کيس پنجاب جي ننڍي چونڊ ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ نه ڏنو ويو. سينيئر ادڪار سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٻه تصويرون شيئر ڪندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. پهرين تصوير ۾ شان کي گاڏي ۾ ويٺي بنا ڪنهن ڪاري نشان وارو آڱوٺو ڏيکاريندي ڏٺو ويو ۽ ٻي تصوير ۾ اداڪار پنجاب پوليس سان ڳالهائيندي نظر اچي رهيو آهي جنهن سان گڏ هن لکيو ته جهموريت جي شان، عوام بي زبان. اداڪار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ٻه ڪلاڪ ڳولا باوجود منهنجو ووٽ ڪٿي رجسٽرڊ آهي؟ بابت خبر نه پئي جنهن ڪري ووٽ ڪاسٽ نه ڪري سگهيس ۽ آخرڪار چار لڳي پنجاهه منٽن تي پنهنجي پولنگ اسٽيشن پهتس پر پنجين وڳي پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ سبب ووٽ ڪاسٽ نه ڪري سگهيس.