لاهور (م ڊ) پنجاب جي نامزد وزير اسد کوکر جي پٽ جي شادي تقريب ۾ وزيراعليٰ جي گاڏي ويجهو فائرنگ، ڀاءُ مارجي ويو، پوليس واقعو ذاتي دشمن جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو. پنجاب ۾ نامزد ڪيل صوبائي وزير اسد کوکر جي پٽ جي شادي ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو ، فائرنگ ۾ اسد کوکر جو ڀاءُ مبشر کوکر زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هن دم ڌڻي حوالي ڪيو. فائرنگ ۾ عمر مظهر به زخمي ٿي پيو، پوليس موجب فائرنگ جو واقعو شادي مان وڏي وزير عثمان بوزدار جي وڃڻ بعد پيش آيو، جڏهن ته اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير واپسي لاءِ گاڏي ۾ ويٺو ته فائرنگ جو واقعو پيش آيو، فائرنگ وڏي وزير جي گاڏي جي ٿوري فاصلي تي ڪئي وئي، ذريعن موجب ٻه هٿياربند تاڙ وٺي گيٽ تي موجود هئا، نامزد صوبائي وزير اسد کوکر سميت ٽئي ڀائر وزيراعليٰ کي گيٽ تي ڇڏڻ آيا ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، وڏي وزير جي سيڪيورٽي عملي فائرنگ ڪندڙ جوابدار کي پڪڙي ورتو، جنهن کي نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، شهباز گِل به چيو ته وڏي وزير جي سيڪيورٽي عملي فائرنگ ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. وڏي وزير آءِ جي کي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏنو، پوليس جو چوڻ هي ته شروعاتي جاچ مطابق واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو آهي، جوابدار شروعاتي بيان رڪارڊ ڪرائيندي پنهنجو نالو ناظم ٻڌايو ۽ چيو آهي ته ڪجهه عرصو اڳ منهنجي چاچي کي قتل ڪيو ويو، ان جي بدلي ۾ مبشر کوکر کي قتل ڪيو آهي. هوڏانهن فائرنگ جي واقعي بعد شادي ۾ آيل مهمانن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ شادي تقريب ختم ڪئي وئي.