ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ ڪشمير ين جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪري ڇڏيو ، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج درانيءَ جي صدارت ۾ اجلاس شروع ٿيندي ئي اسپيڪر ايوان اندر گورنر پاران منظوري ڏنل صحافين کي تحفظ ڏيڻ، سنڌ پوليس آرڊر ترميمي بل سميت 12 سرڪاري بلن جي منظوري جو اعلان ڪيو. اجلاس ۾ زڪوات کاتي بابت پڇيل سوالن جا پارلياماني سيڪريٽري هير سوهو جواب ڏنا، جڏهن ته پ پ ايم پي اي شرميلا فاروقي زرعي ملڪ هجڻ باوجود پاڪستان ۾ خوراڪ جي عدم تحفظ خلاف مهملي واري رٿ پيش ڪئي اسپيڪر انهي رٿ تي ايندڙ هفتي بحث ڪرائڻ جي رولنگ ڏني، اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي 10 کان وڌيڪ عورت ايم پي ايز مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف استحقاق واري رٿ پيش ڪئي جيڪا پڻ اسپيڪر ايندڙ هفتي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شيرزمان پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته ايم پي اي ڊاڪٽر سيما ضياءَ جي ڊفينس ۾ واقع گهر ٻاهران اسٽريٽ ڪرائيم جي واقعي دوران فائرنگ ٿي آهي، جنهن ۾ گهر ٻاهران بيٺل سندس چوڪيدار سخت زخمي ٿيو آهي. ، سنڌ حڪومت کي اهڙن واقعن تي ضابطو آڻڻ گهرجي، رڳو هڪ مهيني ۾ ڦر جا درجنين واقعا رپورٽ ٿيا آهن، اجلاس ۾ جماعت اسلاميءَ جي ايم پي اي سيد عبدالرشيد پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته ميٽرڪ جي امتحانن دوران پيپر وقت سر نه پهتو، انهي ڪري شاگرد ۽ والدين سخت پريشان ٿيا، جڏهن ته امتحانن دوران ڪاپي جي به ڌم هئي، مطالبو ٿو ڪريان ته ڪراچي بورڊ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، سيد عبدالرشيد کي جواب ڏيندي صوبائي وزير سعيد غني وضاحت ڪئي ته ميٽرڪ جي امتحانن دوران ڪجهه سينٽرن تي ان ڪري مسئلو ٿيو جو اهي سينٽر اوچتو تبديل ڪيا ويا هئا، بورڊ طرفان ڪجهه بد انتظامي ٿي هئي پر مجموعي طور تي پيپر بهتر ٿيو، هن وڌيڪ چيو ته ٻارهين ڪلاس جي امتحانن ۾ انهن غلطين کي بهتر ڪيو ويو هو، ڪاپي نئين ڳالهه ناهي پر هاڻي موبائل فون اچڻ ڪري ان ۾ اڃا اضافو ٿيو آهي، ڪاپي جي روڪٿام ضروري آهي. سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ ايم پي اي گنهور اسراڻ مودي سرڪار پاران ڪشميرين تي ظلمن خلاف بابت ٺهراءُ پيش ڪيو، ان موقعي تي گھنور اسراڻ چيو ته ڪشمير ۾ ڀارت انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، عالمي برادري ڪشميرين سان يادتين جو نوٽيس وٺي. متحده ايم پي اي محمد حسين ۽ پي ٽي آءِ جي بلال غفار به ٺهراءُ پيش ڪيو، اهو ٺهراءُ گڏيل طور تي پاس ڪيو ويو، جنهن بعد اسپيڪر اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.