پشاور (م ڊ) پشاور يونيورسٽي ڪئمپس ۾ سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ هاسٽل سپروائيزر قتل ٿي ويو. پوليس مطابق پشتون اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو اڳوڻو اڳواڻ ۽ سيڪيورٽي سپروائيزر ثقلين بنگش تي هاسٽل جي سيڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪئي، جنهن کانپوءِ کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو. واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي گارڊ فرار ٿي ويو، ڊي ايس پي ڪئمپس فضل ربي خان مطابق پشاور يونيورسٽي ۾ معمول مطابق سپروائيزر ثقلين بنگش سيڪيورٽي انتظام چيڪ ڪري رهيو هو. انٽرنيشنل هاسٽل ۾ ڊيوٽي تي مقرر نجي سيڪيورٽي ڪمپني جي سيڪيورٽي گارڊ مسعود کان گيٽ کولڻ دوران پستول مان فائر ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سپروائيزر زخمي ٿي پيو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ۾ اسلاميه ڪاليج يونيورسٽي پشاور جو انگريزي ادب جو پروفيسر بشير احمد به سيڪيورٽي گارڊ هٿان مارجي چڪو آهي.