راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ سيزن_ 8 جي اهم ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ڪراچي ڪنگز کي چئن وڪيٽن تان ششڪست ڏئي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ ڪوئٽا گليڊي ايٽرز ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلوڪيو. ڪراچي ڪنگز پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنس ٺاهي سگهي. ايڊم روسنگٽن 69 ۽ عماد وسيم 30 رنس ٺاهي نمايان رهيا. ڪوئٽا طرفان نسيم شاهه ۽ ايمال خان 2-2 وڪيٽون ورتيون.  جواب ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ٽيم گهربل ٽارگيٽ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. ڪوئيٽا پاران مارٽن گپ ٽيل شاندار بيٽنگ ڪندي  86 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ڪپتان سرفراز احمد 29 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو. ڪراچي جي بالرن ۾ تبريز شمسي 2 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته عامر يامين، محمد موسيٰ، جيمس فيولر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. محمد عامر ڪا به وڪيٽ وٺي نه سگهيو.