اسلام آباد (م ڊ) سُپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته عمران خان کي مڪمل ۽ سمورن معاملن تي صادق ۽ امين قرار نه ڏنو هو، جيڪو شخص اڄ عدالتن تي حملا ڪري رهيو آهي اُهو ڪڏهن عدالتن جو لاڏلو رهيو آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي جسٽس ( ر ) ثاقب نثار چيو ته اڄڪلهه عدالتي فيصلن تي اُهي ماڻهو ڳالهائي رهيا آهن جن کي قانون جي زير زبر جي به خبر ناهي، جيڪو همراهه اڄ عدالتن تي حملا ڪري رهيو آهي اُهي ڪڏهن عدالتن جو پسنديده رهيو آهي، رڳو هڪ ڪيس کانسواءِ کيس سدائين عدالتن مان رليف ملندو رهيو آهي. ثاقب نثار چيو ته جڏهن اڃا چيف جسٽس نه بڻيو هئس تڏهن نواز شريف مختلف موقعن تي چوڻ شروع ڪيو ته هي پنهنجو چيف آهي. اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته ٻن ڏينهن کان منهنجو واٽس ايپ هيڪ ٿي ويو آهي، اڃا تائين ريڪور ناهي ٿيو، خدشو آهي ته منهنجي موبائيل ڊيٽا کي ڪنهن مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو پر منهنجو واٽس ايپ هيڪ ڪرڻ وارن کي شرمساري ئي ٿيندي. هن چيو ته ان کان اڳ به منهنجون مختلف وڊيوز کي جوڙي هڪ آڊيو ٺاهي وئي هئي، ڪنهن جي ذاتي زندگي ۾ مداخلت چوري جي زمري ۾ ايندو آهي.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان کي مڪمل طور صادق ۽ امين قرار نه ڏنو هو، ان کي سياسي رنگ ڏنو ويو، عمران خان کي ٽن نقطن تي صادق ۽ امين قرار ڏنو، اڪرم شيخ عمران خان بابت ٽي نقطا لکي ڏنا ته انهن تي فيصلو ڪيو وڃي، ٽنهي نقطن تي عمران خان صادق ۽ امين ثابت ٿيو هو. جسٽس ( ر ) ثاقب نثار چيو ته پي ڪي ايل آءِ جي فارنزڪ رپورٽ جو جيڪڏهن ڪير جائزو وٺندو ته اُن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويندا، پي ڪي ايل آءِ جي سربراهه کي هڪ پير جي چوڻ تي لڳايو ويو. هن چيو ته مُلڪي مسئلن جو حل چونڊن ۾ آهي، 2018ع ۾ به اليڪشن جي رستي ۾ رندڪون وڌيون ويون، جنهن کي ناڪام بڻايو ويو هو جنهن جو بابر يعقوب شاهد آهي.  اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته مون غلط فيصلا ڪيا هوندا پر مُلڪ جي بقا لاءِ جيڪي فيصلا ڪيا ان تي عمل ڇو نٿا ڪريو؟. جسٽس ( ر ) ثاقب نثار کان سوال ڪيو ويو ته پاناما ڪيس ۾ اوهان تي نواز شريف کي نااهل ڪرائڻ لاءِ جنرل ( ر ) فيض دٻاءُ وڌو؟ جنهن جواب ۾ هن چيو ته جنرل (ر ) فيض ڪير آهي، جيڪو مون تي دٻاءُ وجهي ها؟ آئون جنرل ( ر ) باجوه سان ان دعويٰ جي حوالي سان ڳالهائيندس. هن چيو ته هو چون ٿا ته آئون عمران خان لاءِ عدليا ۾ لابنگ ڪري رهيو آهيان، مان ڇو عمران خان لاءِ عدليا ۾ لابنگ ڪندس، مون کي پنهنجن ٻارن جي مستقبل جي ڳڻتي آهي. ثاقب نثار وڌيڪ چيو ته آئون هاڻي ڪنهن کي به انٽرويو نه ڏيندس، منهنجي مرڻ کانپوءِ هڪ ڪتاب ڇپبو جنهن ۾ سموريون حقيقتون هونديون، 1997ع کان وٺي چيف جسٽس جي عهدي تائين سموري ڪهاڻي لکندس.