ڪراچي (م ڊ) تحقيقاتي صحافي زاهد گشڪوري دعويٰ ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار انٽرويو دوران ٻڌايو ته عمران خان 2 هفتا پهرين مدد لاءِ رابطو ڪيو مون انڪار ڪري ڇڏيو، صحافي موجب جسٽس ثاقب ٻڌايو ته ٻه هفتا اڳ رات جي وقت اڳوڻي وزيرعظم عمران خان پنهنجي نمبر تان رابطو ڪيو، حال حال احوال پڇڻ کانپوءِ عمران خان چيو ته هن وقت آئون مشڪل ۾ آهيان، ڪيترائي ڪيس آهن، اوهان جي رهنمائي مدد جي ضرورت آهي، جنهن تي مون کيس جواب ڏيندي چيو ته آئون اوهان جي ان معاملي ۾ مدد نه ٿو ڪري سگهان، جسٽس ثاقب نثار چيو ته مون عمران خان کي مشورو ڏنو ته اوهان اڳوڻا وزيراعظم آهيون، اجايو ادارن خاص طور تي عدليا تي تنقيد نه ڪريو، ان سان وڌيڪ مشڪل ۾ پئجي سگهيو ٿا، عدليا واحد ادارو آهي، جنهن تي ماڻهن جو اعتماد آهي ته اتان انصاف ملندو، صحافي موجب جسٽس ثاقب نثار ٻڌايو ته منهنجو عمران سان نه رابطو آهي نه وري دوستي آهي.