لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ آفيس عمران خان جي حفاظتي ضمانت جي درخواستن تي اعتراض لڳائي ڇڏيو. عمران خان جي حفاظتي ضمانت جي درخواستن ۾ ڪجهه دستاويز نه لڳايا ويا، جنهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ آفيس طرفان دستاويز درخواستن سان لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي. اعتراض کانپوءِ عمران خان جي وڪيلن لاڳاپيل دستاويز لڳائڻ لاءِ درخواستون  واپس وٺي ڇڏيون. واضح رهي ته اسلام آباد پوليس گذريل ڏينهن توشا خانا ڪيس ۾ عدم پيشي تي سيشن ڪورٽ اسلام آباد جي هدايت تي عمران خان جي وارنٽ کڻي سندس رهائشگاهه پهتي هئي پر عمران خان گرفتار نه ٿي سگهيو.عمران خان طرفان توشا خانا ڪيس کانسواءِ اسلام آباد جي جڊيشل ڪامپيلڪس ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي تحريڪ انصاف جي ڪاهه جي ٻن ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت جون درخواستون داخل ڪرايون ويون آهن پر درخواستن تي لاهور هاءِ ڪورٽ آفيس اعتراض واري ڇڏيو.