پريالو ۾ پرڻيل ناري کي قتل ڪرڻ بعد لاش بنا ڪفن جي دفنائڻ جو انڪشاف

0
280

پريالو (ن پ ا) پريالو ۾ شادي شده ناري کي قتل ڪرڻ بعد لاش بنا ڪفن جي دفنائڻ جو انڪشاف، پوليس جو چوڻ آهي ته گل حسن پنهنجي ڀاءُ حاڪم ۽ سندس ٻن پٽن واحد ۽ فقير محمد خلاف زال جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو، جنهن بعد جوابدار فقير محمد بڙدي کي گرفتار ڪيو،جنهن فوزيا بڙدي کي قتل ڪري لاش دفنائڻ جو انڪشاف ڪيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته فوزيا بڙدي کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاش بنا ڪفن دفن جي دفنائي ڇڏيوهو، جڏهن ته گل حسن بڙدي جو چوڻ آهي ته فوزيا سان ٽي سال اڳ شادي ڪئي، ڀاءُ ۽ ڀائٽن کيس قتل ڪري طلم ڪيو آهي.