فريد آباد ويجهو، ناري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش، احتجاج

0
203

فريد آباد (ن پ ا) فريد آباد ويجهو جوابدار پاران ناري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش، وارثن جو احتجاج، ڳوٺ الهڏنو تيوڻو واسڻ ناري وارثن سميت پاڪ ڪتاب کڻي جوابدار جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو، ناري جي وارثن الزام هنيو آهي ته جوابدار رستم تيوڻو گهر ۾ گهڙي نياڻي سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي ۽ جوابدار واري ڌر ڌمڪيون ڏئي رهي آهي ته خاموش رهو، هنن مطالبو ڪيو آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.