پروين رند ھراسمينٽ ۽ تشدد  واقعي جو ڪيس داخل

0
240

پروين رند ھراسمينٽ

نوابشاھ (ن پ ا) نوابشاهه ۾ پي ايم يو جِي شاگردياڻي پروين رند کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ايف آءِ آر بعد ھنيل ڌرڻو ختم ڪيو ويو

 متاثر شاگردياڻي جِي فرياد تي داخل ايف آءِ آر ۾ رڳو نرسنگ شعبي جو ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ راجپوت نامزد ڪيوويو، شاگردياڻي جَي چاچي علي نواز ۽ وي سي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد هاسٽل جون 2 وارڊن انيتا ۽ فرحين معطل ٿي ويون

شاگردياڻي پروين رند جو چوڻ آھي تھ  انتظاميا غنڊاگردي جو مظاهرو ڪندي سرِعام تشدد جو نشانو بڻايو، شاگردياڻي جِي ميڊيڪل رپورٽ ۾ تشدد جِي تصديق ڪندي چيو ويو ته سندس ٻانهن ۽ ڳلي تي تشدد جا نشان آهن

ھي به پڙھندا

نوشين ۽ نمرتا جي ڪپڙن مان مليل جزا هڪ ئي مرد جا ھئڻ جو انڪشاف