ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي امين گنڊاپور آڊيو ليڪ جي تصديق ڪري ڇڏي، گهرو وزير رانا ثناءُ الله طرفان جاري ڪيل مبينا آڊيو تي ردعمل ڏيندي علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته هي آيا ته مارينداسين، گهرو وزير چوي ٿو ته اسان وٽ ڊرونز آهن،  اسان به چوڙيون ناهن پاتيون.هن چيو ته پرامن احتجاج تي ماريندا، ڇا انهن وٽ ماڻهو مارڻ جو لائسنس آهي ؟ رانا ثناءُ الله جيمز بانڊ ناهي عوام جي پئسن تي پلجندڙ وزير آهي، جيڪڏهن اسان کي ماريندئو ته ڇا اسان هار پارائينداسين؟ اسان اسلام آباد هار کڻي اينداسين، هن چيو ته اوهان جيڪڏهن حملو ڪندئو ته اسان جي جواب لاءِ تيار رهو، اسان آزادي لاءِ نڪتا آهيون ۽ آزادي وٺي رهنداسين.