ڊربي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڊربي ۾ ٽريننگ سيشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، 2 انٽرا اسڪواڊ پريڪٽس ميچز به کيڏيون وينديون. پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ 3 ميچز جي سيريز جو پهريون ون ڊي انٽرنيشنل 8 جولاءِ تي شيڊول آهي. پاڪستان اسڪواڊ جمعي تي ڊربي پهتو هو، جتي 3 ڏينهن جي آئسوليشن کان اڳ سمورن رانديگرن جي ڪورونا ٽيسٽ ڪئي وئي، جيڪا نيگيٽو اچڻ بعد رانديگرن کي ٽريننگ سيشن جي اجازت ڏني وئي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز کيڏي ويندي.