لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عورت ڪرڪيٽرن لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پي سي بي 12 رانديگرياڻين کي ڪانٽريڪٽ ڏنو آهي، جڏهن ته گذريل سال 9 رانديگرياڻيون ڪانٽريڪٽ حاصل ڪري سگهيون هيون. اي ڪيٽيگري ۾ بسمه معروف ۽ جوريه خان شامل آهن، عاليه رياض، ڊيانا بيگ ۽ ندا ڊار کي بي ڪيٽيري ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انعن فاطمه ثنا، ڪائنات امتياز، ناهيده خان، نشره سنڌو، عميه سهيل ۽ سدره نواز به ڪيٽيري سي ۾ شامل آهن.