مقصودو رند (اسپورٽس نيوز)مقصودو رند ۾ جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ليگ ميچ رائونڊ جي 32ھين ميچ ۾ منڌو رند اليون ۽ سلطان فقير لاشاري اليون جون ٽيمون آمھون سامھون ٿيون. منڌو رند اليون پھريان کيڏندي عرفان علي رند جي 119 رنسن جي مدد سان 250 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ سلطان فقير لاشاري اليون مجاھد لاشاري جي41 رنسن جي مدد سان 185 رنسون ٺاھي سگھي. منڌو رند اليون جي غلام رضا رند کي بھترين راند ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.