ڪراچي(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جوزبٽلر چيو آهي ته سيريز سان ورلڊ ڪپ جي تياري جو سٺو موقعو ملندو، 7 ميچن جي سيريز ڪنهن چيلنج کان گهٽ نه هوندي، پي ايس ايل ۾ اسان جي رانديگرن کي ماڻهو کيڏندي ڏسي چڪا آهن پاڪستان فاسٽ بالر  پيدا ڪندڙ ملڪ آهي هن راڻي ايلزبيٿ جي لاڏاڻي تي به ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڪوشش آهي ته پنهنجي ڪرڪيٽ سان ٻوڏ متاثرن کي خوشيون ڏيون، اسان جو بورڊ به متاثرن جي مدد ڪندو. هن چيو ته هر رانديگر کي ورڪ لوڊ مينيج ڪرڻو پوندو ڪڏهن به پاڪستان ۾ نه کيڏيو آهيان ان لاءِ پاڪستان جي ڪنڊيشنز جو اندازو نه اٿم، پي ايس ايل جي رانديگرن جي تجربي جو فائدو کڻنداسين.