لنڊن(اسپورٽس نيوز) سوئٽزرلينڊ سان واسطو رکندڙ ٽينس جي دنيا جي وڏي نالي راجر فيڊرر ريٽائرمنٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ راجر فيڊرر گرينڊ سلم ۽ اي ٽي پي ٽور ٽينس تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو، سندس چوڻ هو ته هلندڙ سال لنڊن ۾ شيڊول ليور ڪپ سندس آخري ايونٽ هوندو. 41 ورهين جي ٽينس اسٽار جو چوڻ هو ته منهنجي جسم واضح پيغام ڏئي ڇڏيو آهي، مون چويهه ورهين دوران 1500 کان وڌيڪ ميچون کيڏيون ۽ هاڻ مونکي اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪيريئر کي ڪٿي ختم ڪرڻو آهي. فيڊرر وڌيڪ لکيو ته راند سان محبت ڪيان ٿو ۽ اها ڪڏهن ختم نه ٿيندي. فيڊرر 1998 ۾ 16 ورهين جي عمر ۾ پنهنجي پروفيشنل ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي ۽ پهريون گرينڊ سلم ٽينس ٽورنامنٽ 2003ع ۾ وملبڊن اوپن جي صورت ۾ کٽي هئي.