ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ڪراڙن ڪرڪيٽرن نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ڪراڙن جو ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽي ورتو. ايونٽ جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 45 اوورن ۾ 9 وڪيٽن تي 173 رنسون ٺاهيون. پاڪستان جي ٽيم هدف ٽن وڪيٽن تي حاصل ڪري ورتو. ايس ايم ڪاظمي ۽ محمد اسلم ففٽيون ٺاهيون. پاڪستان اوور 60 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا کي هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏني هئي.