لاهور (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ به اسڪواڊ جي لسٽ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 سيپٽمبر آهي. سليڪشن ڪميٽي طرفان بيٽنگ لائن اپ ڪامبينيشن ۾ تبديلي جو امڪان آهي، جڏهن ته اسڪواڊ ۾ ٻن وڪيٽ ڪيپرن جي شموليت به ممڪن آهي. فاسٽ بالر شاهين آفريدي به اڃا تائين بحالي جي عمل مان گذري رهيو آهي ۽ کيس بالنگ جي شروعات ڪرڻي آهي، اهي سڀ معاملا مئنيجمينٽ لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهن. تجويز آهي ته محمد رضوان ۽ شاداب خان کي شروعاتي ميچن ۾ آرام ڏنو وڃي ۽ سرفرار احمد، زاهد محمود ڀٽي ۽ عثمان قادر کي کيڏايو وڃي. اوپنر شان مسعود کي به شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.