پاڪستان بلاڪ پوليٽڪس ۾ يقين نه ٿو رکي: آرمي چيف

0
162
سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊا جو مقصد مايوسي پکيڙڻ آهي: آرمي چيف
سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊا جو مقصد مايوسي پکيڙڻ آهي: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان بلاڪ پوليٽڪس ۾ يقين نه ٿو رکي، پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستاني عوام جي حمايت سان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين اها جنگ جاري رهندي

 آرمي چيف جنرل عاصم منير آمريڪي ٿنڪ ٽينڪس ۽ ميڊيا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان بلاڪ پاليٽڪس ۾ يقين نٿو رکي، دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف آمريڪا ۾ ناليوارين ٿنڪ ٽينڪس ۽ ميڊيا سان خصوصي ڳالهه ٻولهه دوران علائقائي، سلامتي ۽ بين الاقوامي دهشتگردي بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪيو

آرمي چيف چيو ته ڪشمير بين الاقوامي طور تسليم ٿيل تڪرار آهي، ڪو به هڪ طرفو قدم ڪشميري عوام جي خواهشن جي خلاف هن تڪرار جي نوعيت کي تبديل نه ٿو ڪري سگهي

 آرمي چيف غزه ۾ فوري جنگبندي لاءِ زور ڀريندي چيو ته غزه ۾ انساني همدردي ۽ خطي ۾ جٽادار امن لاءِ 2 رياستي حل جو نفاذ ضروري آهي، پاڪستان ڊگهي مدي وارن ٻطرفن لاڳاپن ذريعي آمريڪا سان مضبوط لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي

 آرمي چيف جون آمريڪي دوري دوران سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ڳالهيون مثبت رهيون

هي به پڙهندا

عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اميدوارن پاران نامزدگي ڪاغذ وصول ڪرڻ ۽ جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري