ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان چيو آهي ته پاڪستاني ٽيم جو هر رانديگر ميچ ونر آهي. قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان سوشل ميڊيا تي پوري ٽيم جي تصوير شيئر ڪئي ۽ گڏوگڏ هڪ ڪيپشن به لکيو. محمد رضوان لکيو ته الله پاڪ جو شڪر گذار آهيان جنهن اسان کي هن ٽه ملڪي سيريز ۾ چئمپين بڻايو ۽ اسان پنهنجي ماڻهن جي خوشيءَ جو سبب بڻجي سگهياسين. وڪيٽ ڪيپر بيٽر وڌيڪ لکيو ته قومي ٽيم جو ڪپتان، نواز، حارث، شاداب خان ۽ ٻين بالرن ورلڊ ڪلاس پرفارمنس ڏني خاص ڪري ڊيٿ اوورن ۾.