ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ گهرو ويڙهه وڌڻ تي چمن ۾ پاڪ-افغان سرحد باب دوستي کولڻ وارو فيصلو ملتوي ڪيو ويو، مال بردار ٽرڪس سرحد کان واپس ڪري ٽرمينل منتقل ڪيون ويون، سرحد جي ٻنهي پاسن تي موجود شهرين کي واپس وڃڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي، اختيارين جو چوڻ آهي ته افغان شهرين کي مهاجر ڪارڊ تي اچ وڃ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته افغانستان کي ڏنل 2 هزار ارب ڊالرز زمين کائي وئي يا آسمان ڳڙڪائي ويو، ايترو پئسو ملڻ باوجود افغان فوج طالبان اڳيان ڇو پَتنِ جيان وِکرِي رهي آهي، افغان عوام غربت جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي پر افغان جرنيل ۽ سياستدان ارب پتي آهن، افغانستان مثال آهي ته ڪرپشن قومن کي ڪيئن ٻوڙي ڇڏيندي آهي.