پائليٽ جي دلچسپ اڏام، هوا ۾ بدڪ جو اسڪيچ بڻائي ڇڏيو

0
275

نيويارڪ(دلچسپ نيوز) پائليٽ جي دلچسپ اڏام، هوا ۾ بدڪ جي ٻچي جو اسڪيچ بڻائي ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ ماهر پائليٽ 45 سال پراڻو سيسنا جهاز اڏايو، پوڻا 2 ڪلاڪ اڏام ڪرڻ دوران پائليٽ  بدڪ جي ٻچي جو اسڪيچ ٺاهي ورتو، سيسنا جهاز صبح جو 11 لڳي 37 منٽ تي اڏام ڪئي جيڪا هڪ ڪلاڪ 42 منٽ جاري رهي جهاز ساڍا 5 هزار کان ساڍا 6 هزار فٽ اوچائي تي اڏام ڪئي، اڏام دوران جهازجي رفتار 160ڪلوميٽرفي ڪلاڪ رڪارڊ ڪئي وئي اڏام جي پڄاڻي تائين ماهر پائليٽ وڏي مهارت سان بدڪ جي ٻچي جو اسڪيچ تيار ڪري ورتو