لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي شيخ زيد وومين اسپتال ۾ بيڊن جا گدا بيڊ تي رکڻ بجاءِ عملو اسپتال جي حال ۾ مريضن جي وارثن کي پئسن عيوض ڏيڻ لڳو، اهڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي شيخ زيد وومين اسپتال ۾ وارڊن اندر بيڊن تي ڏنل گدا اسپتال جو عملو 50 رپيا کان ھڪ سئو رپين ۾ ھڪ رات لاءِ ٻاھر ڏيڻ لڳو، بيڊ گدن کان خالي پيل، مريض دربدر. ان موقعي تي مريضن جي وارثن جو چوڻ ھو ته اسان جي مريض جو نئون آپريشن ٿيو آهي اسٽرڪچر تي آهي بيڊ تي گدو ئي ناھي. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي مريضن کي سهولتون ڏنيون وڃن. اهڙي معاملي کان اسپتال انتظاميا وائرل ٿيل ويڊيو کان بي خبري ظاھر ڪري ڇڏي آھي. انتظاميه جو چوڻ ھو ته اهڙي معاملي جي جاچ ڪريون ٿا، اهڙو عمل ڪندڙ ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.