ٽوئيٽر ٽاپ ٽرينڊ پنجاب پاڻي چور قرار، سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏيڻ جو مطالبو

0
666

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ پاڻي تي پنجاب جي ڌاڙي خلاف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽ تي پنجاب پاڻي چور ٽرينڊ هلايو ويو، ٽرينڊ ۾ حصو وٺندي عاصمه ابڙو لکيو ته سنڌ کي حصي جو پاڻي ملي ها ته ٺٽو بدين جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ حوالي نه ٿئي ها، سنڌ کي پنهنجي وسيلن تي اختيار هجي ها ته سنڌ جي آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي نه گذري ها، سنڌو نواز گهانگهرو وڊيو شيئر ڪندي مطالبو ڪيو ته بدين کي پاڻي ڏيو. سراج مزاري لکيو ته پاڻي زندگي آهي، فيض الله سومرو لکيو ته سنڌ پاڻي گهري ٿي، ٺٽو، بدين، ٿر کي پاڻي ڏيو، وشنو مل لکيو ته چشما جهلم تونسا پنجنند لنڪ ڪئنال ٻوڏ جي صورت ۾ سنڌ جي اجازت سان وهائڻا آهن، پنجاب انهن کي هميشه وهائي رهيو آهي، پنجاب پاڻي جو ڌاڙيل آهي، جنهن تي بلڪل اعتبار ناهي ارسا ۾ سنڌ جي نمائندي سان ذلت آميز رويو رکڻ حملو ڪرڻ شرمناڪ عمل آهي سخت مذمت ڪجي ٿي. ڏيڍ سئوسالن کان پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙوهڻي دهشتگردي ڪري رهيو آهي پنجاب جا ٽي درياهه ستلج، بياس، راوي جنرل ايوب انڊيا کي ڀڳڙن مٺ تي وڪڻي ڏيئي ڇڏيا، سنڌ سان سراسرناانصافي ٿي رهي آهي،1991جوٺاهه نوازشريف ڪيو سنڌي عوام ان جي خلاف هو هاڻ ان تي عمل نه ٿو ٿئي، نور خان خاصخيلي لکيو ته پنجاب سنڌ جي مفادن ۽ سنڌي عوام جي وسيلن جي سدائين لٽمار ڪئي آهي. سميرا سنڌي لکيو ته سنڌ جا وسيلن تي ڪاهي پيا آهن، اقرا کوکر لکيو ته بدين ضلعي ۾ ھينئر ڪجهه سالن کان پاڻي جي کوٽ آهي، جنهن ڪري گرمي ۾ به واڌ ٿي آهي،اسان جي بدين سائيڊ ايتري شديد گرمي ھوندي ئي ڪونه ھئي. ستيش چاولا لکيو ته بلڪل پاڻي جو وڏو ڪم آھي بدين ۾ ۽ بدين ضلعو آخري ضلعو آھي سنڌ جو اسان سان ايتري ناانصافي ڇو ۽ ٻيو سمند جي ڪري به اسان سان ظلم آھي ھڪڙي پاسي پاڻي جي چوري ٻئي پاسي سمنڊ زمينون ڳڙڪائي پيو ۽ بدين گيس ۽ پيٽرول ۾ به 60 سيڪڙو پوري پاڪستان کي ڏي ٿو پوءِ به اسان سان ناانصافي؟ سلمان شيرازي لکيو ته ڪمائي سنڌ کائي سڄو ملڪ ٿو، خوشحال سنڌ جو عوام بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي. عبدالفتاح لکيو ته سنڌ جي پاڻي تي پنجاب جو ڌاڙو نامنظور، فقير جي ايم لغاري لکيو ته جناب وزيراعظم، ارسا جي زيادتين جي ڪري سنڌ جا ماڻهو اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويا آهن پنجاب پاڻي چور، ڪليم گهمرو لکيو ته تاريخ ۾ لکيو ويندو دنيا ۾ هڪ امير قوم هئي جيڪا پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپي تڙپي ختم ٿي وئي، پڇيو ويو ڪير هئا؟ ٻڌايو ويندو سنڌي هئا، سنڌو دريا جا مالڪ..!!…وسيم تنيو لکيو ته 1945ع ۾ جڏهن سنڌ ۽ پنجاب ۾ پنجاب پاران پاڻي چوري ڪرڻ تان تڪرار شروع ٿيو هو ته ان وقت انگريزن هڪ حل لاڳو ڪيو، جنهن تحت سنڌو درياهه جي پاڻي تي سنڌ جو حق آهي، پنجاب چور آهي،ارسا چيئرمين کي هٽايو وڃي، ايم بي خاصخيلي لکيو ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملي رهيو آهي، سمنڊ ڏينهون ڏينهن زمين ڳڙڪائي رهيو آهي، سعيد سانگري هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ ننڍڙي ٻارڙي کي هڪ ننڍڙي ڇوڪري واهه مان پاڻي ڀري پيئاري رهي آهي جنهن تي ثنا بڪڪ لکيو ته غربت ۽ محرومين جي ڄار ۾ وڪوڙيل سنڌ ۾ اهڙا منظر اڪثر ڏسڻ لاءِ ملندا آهن. خليل لاکو سحر بڪڪ جي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ لکيو ويو ته درياهه نيل 11 ملڪن کي سراب ڪري ٿو ۽ ان جو پاڻي آخري ملڪ مصر تائين زمينن کي آباد ڪري ٿو اتي ڪير اڃارو ناهي مرندو نه ئي زمين بنجر ٿيندي آهي ڇو ته درياهه نيل جي وچ ۾ پنجاب ناهي ايندو. محمد قاسم لکيو ته سنڌ جو پاڻي چور پنجاب ۽ وفاق آھي جيڪو سنڌ جو پاڻي چوري ڪري سنڌين کي مجبور ڪري ڪالاباغ ڊيم جي راهه ھموار ڪرڻ چاھي ٿو، سرفراز لغاري لکيو ته ڪوهه مري تائين گيس پهچي ٿو بدين تائين پاڻي ڇو نٿو پهچي جڏهن ته درياهه به اسان جو، گيس به اسان جو، پنجاب پاڻي چور آهي. سليم آدتيا لکيو ته ان کان وڌيڪ ڍل اڃا ٻي ڪهڙي ٿيندي آهي جو پنهنجو درياهه هوندي اسان ٻنيون ڊيزل تي آباد ڪريون.پرڪاش ميگهواڙ، شهزاد مڱريو، افضل خان جمالي، شوڪت زرداري، آصف باغي، اسلم کهڙو، سيتل داس، محمد عامر، وجيهه مسڪان، سرمد سنڌي، زوهيب چانڊيو، مليحه منظور،عبدالسميع، ياسر سومرو، سردار کيمچند ڀيل، قاضي راجا خان، بابر علي جمالي، استاد راهي سومرو، ڊاڪٽر عبدالعزيز عباسي، ضمير حسين ڀٽو، ميان بخش علي پيرزادو، منور سنڌي، ايڊووڪيٽ عبدالرئوف ميمڻ، عابد علي، مرتضيٰ چانڊيو، شهزادي حسين،وقار راهمون، مختيار علي، منصور نثار، نياز سومرو،زوهيب علي،شاهديو ولاسائي ميگهواڙ، جهانزيب ترڪ، منيش پوري گوسوامي،منيب انڍڙ، فاروق احمد ، منير جمالي ۽ ٻين ٽرينڊ ۾ حصو ورتو ۽ سنڌ کي پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.