برلن (دلچسپ نيوز) ٽن منٽن ۾ اک ذريعي ڪورونا جي سڃاڻپ ڪندڙ ايپ تيار ڪئي وئي آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ميوخ جي هڪ ڪمپني اک جي اسڪين سان ڪورونا جي سڃاڻپ ممڪن بنائڻ جي لاءِ پراميد آهي ۽ ڪمپني طرفان ايپ به تيار ڪئي وئي آهي. ڪمپني جو چون آهي ته ان جي تيار ڪيل ٽيسٽ ۾ اک کي اسڪين ڪيو ويندو آهي ۽ ٽن منٽن ۾ ٽيسٽ نتيجا ملي ويندا آهن.سيمڪ آر ايف ڪمپني جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ولد ڪرويز جو چوڻ آهي ته هن اسڪيننگ ايپ کي آمريڪا ۾ پنهنجي ڪجهه ساٿين سان گڏ ملي تيار ڪيو ويو آهي ۽ پراميد آهيان ته ايپ کي استعمال ڪرڻ جي منظوري ملڻ کان پوءِ هو ان کي ايندڙ مهيني کان استعمال جي لاءِ فراهم ڪرڻ لڳندا.هن چيو ته هن ايپ ۾ اسمارٽ فون سان ورتل اک جي تصوير کي استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ علامتي سوزش(پنڪ آءِ) جي ذريعي وائرس جي سڃاڻپ ڪئي ويندي آهي. اسان گلابي رنگ جي مختلف شيڊز مان ڪورونا جي سڃاڻپ ڪري سگهون ٿا.هن جو چوڻ هو ته هن ايپ ۾ 70 هزار ٽيسٽ ڪيون ويون آهن ۽ اها ايپ هڪ سيڪنڊ ۾ 10 لک کان وڌيڪ اسڪين پراسيس ڪري سگهي ٿي. ايپ کي فٽبال ميچن ۽ ڪنسرٽ ۾ ايندڙ جي ٽيسٽنگ جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.