بيجنگ (دلچسپ نيوز) ڊڄ اخبار جي هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته 2018 جي وچ دوران چيني ٽيلي ڪام ڪمپني هواوي نيدرلينڊ جي هڪ وڏي موبائل نيٽ ورڪ تي ٿيندڙ سموري ڪال جي نگراني ڪرڻ جي صلاحيت رکندي هئي.رپورٽ موجب چيني ڪمپني ان وقت 65 لک صارفين جي ڪال رڪارڊ ڪري سگهي پئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هالينڊ ۽ چين ۾ هواوي جي عملي ان وقت جي وزيراعظم جان پيٽر ۽ چيني مخالفن جي ڪال جي به نگراني ڪئي هئي.ٻئي طرف هواوي پنهنجي مٿان لڳندڙ سمورن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اسان مٿان ڪنهن به حڪومتي اداري طرفان الزام ناهي لڳايو ويو ۽ نه ئي ڪمپني طرفان ڪنهن جي ڪال رڪارڊ ڪئي وئي.