ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ 8هين محرم الحرام جي موقعي تي مجلسن، ماتمي جلوسن، ذوالجناح وارن جلوسن جو سلسلو جاري آهي، هر طرف ياحسين عه جو صدائون بلند آهن، شهر جي شوڪت ڪالوني مان سيد دلاور شاھ جي پڙ مان ماتمي جلوس برآمد ٿيو جيڪو امام بارگاھ حسيني تي پهچڻ بعد مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شامل ٿيو جنهن بعد مرڪزي جلوس شهر جي مختلف هنڌن تان ٿيندو ساٽين جي پڙ تي پهچي عزادارن زنجيرن سان ماتم ڪيو ، جنهن ۾ 100 کان مٿي عزادار زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد فراهم ڪئي ويئي، جڏهن ته شهر جي مير واري پڙ ۾ مجلس عزا منعقد ڪئي ويئي جنهن کي علامه سيد خليق الزمان رضوي خطاب ڪندي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته شهيدن جون ڏنل اسلام لاءِ قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون .