ٽنڊوالھيار (رپورٽر) پوري ملڪ جيان ٽنڊو الهيار ۽ ڀرپاسي جي ننڊن وڏن شھرن توڙي ڳوٺن ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ماتم ۽ سينا زني جو سلسلو جاري آهي، جڏهن تہ ٽنڊو الهيار شهر جي درگاھ موج درياء امام بارگاھ مان سيد زاھد شاھ ۽ درگاھ راحب فقير تان مولوي امداد حيدري ۽ نياز حيدري جي اڳواڻي ۾ ماتمي جلوس بر آمد ٿيو، ان موقعي تي مومنين زنجيرن جو ماتم ۽ سينا زني ڪئي، جڏهن تہ شھزادي قاسمء جي مھندي جا 2 ماتمي پڙ ۽ جلوس بر آمد ٿيا جڏهن تہ مختلف امام بارگاھن ۾ مجلسن جو سلسلو پڻ ھلندڙ آھي. جتي علماء اڪرام شھداء ڪربلا تي روشني وڌي جڏهن تہ انتظاميا طرفان سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي ۽ داخلي وخارجي روڊ رستن تي خاردار تارون رکي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا، کان علاوه تمام ماتمي جلوس جي گذر گاھن مٿان سي سي ٽي وي 80 ڪئميرائون لڳايون ويون جن جي نگراني ضلعي سيڪريٽريٽ  ۾ ھيڊ آفيس مقرر ڪئي وئي آهي جتي ھر وقت تمام شھر جي نگراني ڪئي پئي وڃي جيئن ڪو ناخوشگوار واقعو پيش نہ اچي يا بروقت ھنگامي بنيادن تي ڪنٽرول ڪري سگھجي.