ٽنڊومحمدخان (رپورٽر) سنڌ جي فنانس کاتي پاران ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استادن کي مليل رننگ اسڪيل انڪريمنٽ جي جبري ڪٽوتي ۽ تازو جاري ڪيل رڪوري ليٽر خلاف پ ٽ الف سنڌ پاران 17 مئي کان سنڌ جي تعلقا هيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاجي مظاهره ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ، ان ڏس ۾ پ ٽ الف سنڌ جي مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جي فنانس کاتي پاران ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استادن کي مليل رننگ اسڪيل انڪريمنٽ جي جبري ڪٽوتي ۽ تازو جاري ڪيل رڪوري ليٽر خلاف پ ٽ الف سنڌ پاران 17 مئي کان سنڌ جي تعلقي هيڊ ڪوارٽرن ۾ مظاهرن جو اعلان ڪريون ٿا ۽ عيد کان پوءِ حڪومت کي استادن جي جائز مطالبن تي مشتمل چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو ويندو ان چيو ته وزيرتعليم ۔سيڪريٽري تعليم سنڌ سان ملاقات ڪري استادن جي سمورن جائز مسئلن کي حل ڪرائڻ لاء سندن آڏو سنڌ جي استادن جو ڪيس پيش ڪبو هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي تعليم جي بحالي لاء اسين حڪومت سنڌ سان مڪمل سهڪار ڪري رهيا آهيون اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ ، زبون حال عمارتن جي مرمت يا نئين سر اڏاوٽ ڪري تعليم لاء سازگار ماحول پيدا ڪرڻ حڪومت جي وس ۾ آهي سنڌ جي تعليم جي تباهي ٿي رهي آهي حڪومت هٿ وٺي پرائيويٽ اسڪولن کي سپورٽ ڪري رهي آهي سرڪاري تعليمي ادارن کي تباهه ڪري رهي آهي پ ٽ الف اهڙي عمل خلاف سخت احتجاج جاري رکندي.