حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان ٽنڊو حيدر واري علائقي مان خانگي اسپتال هلائيندڙ ڊاڪٽر پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڊاڪٽر شاهد لطيف خانزادو پٽ صغير احمد خانزادو منجهند ڌاري خانزده پاڙي ۾ قائم پنهنجي گهران پاڙي ۾ وڃڻ جو چئي نڪتو هو جيڪو رات دير تائين هٿ نه اچي سگهيو. ڊاڪٽر جي ڀاءُ پوليس اهلڪار خالد خانزداي جو چوڻ آهي ته سندس ڀاءُ جا ٻئي موبائيل فون گهر جي ڪمري مان مليا آهن. سندس گاڏي به گهر ۾ ئي بيٺل آهي. اهلڪار موجب انهن پنهنجي ڀاءُ جي مٽن مائٽن ۽ دوستن کان پڇا ڳاڇا ڪئي آهي پر ڪٿي سندس ڪو ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي. گم ٿيل ڊاڪٽر بابت ٻڌايو پيو وڃي ته هو تعليم کاتي ۾ استاد هو. ڪجهه مهينا پهرين رٽائرڊ ٿيو آهي جڏهن ته گم ٿيل ڊاڪٽر صحافت سان پڻ سلهاڙيل هو. پٻڻ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر جي گمشدگي بابت کين علائقي مان ڄاڻ ملي آهي پر سندس وارثن اڃا تائين گمشدگي بابت ٿاڻي تي ڪا به رپورٽ داخل نه ڪرائي آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته گم ٿيل ڊاڪٽر کي منجهند جو حيدرآباد مان ويندڙ هڪ گاڏي ۾ سوار ٿيندي ڏٺو ويو هو جڏهن ته علائقي ۾ اهي به چئوٻول آهن ته گم ٿيل ڊاڪٽر ٻن ڏينهن کان گهريلو پريشانين جو شڪار پڻ هو. آخري اطلاعن تائين ڊاڪٽر جو ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو هو جنهن ڪري سندس وارث سخت پريشان هئا.