ڪوٽ لالو (رپورٽ: رياض خاصخيلي) ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمعو شر ۾ گهريلو جھيڙي بعد نلڪن جي مستري گلشير شر کي سندس ڀائٽي عمران شر خنجرن جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي ڳوٺاڻو ايمبولينس نه ملڻ ڪري واقعي واري جاءِ تي گهڻي دير تائين پيل رهيو، جنهن بعد وارثن کيس کڻائي پڊعيدن اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران ڳوٺاڻي جي موت جي تصديق ڪئي وئي، اسپتال مان پوليس مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان ڪوٽ لالو ٿاڻي جي وڏي منشي منظر حسين سولنگي ٻڌايو ته گهرو تڪرار تان ڀائيٽي چاچي کي قتل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا، جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو، هوڏانهن مقتول جي ڀاءُ علي شير ٻڌايو ته گهر ۾ معمولي ڳالهه ڀاءُ گلشير ۽ ڀائٽي عمران شر ۾ منهن ماري ٿي، جنهن بعد عمران شر واپس هليو ويو، ٿوري دير بعد اچي گهر ۾ کٽ تي ويٺل منهنجي ڀاءُ گلشير کي خنجرن جا وار ڪري سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويو، جنهن بعد زخمي ڀاءُ کي پڊعيدن اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن گهڻو رت وهڻ سبب ڀاءُ جي موت جي تصديق ڪئي، هن مطالبو ڪيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي، نوٽيس وٺي جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي.