ٽنڊوباگو (ن پ ا) ٽنڊوباگو ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڊائريا ۽ گيسٽرو جي بيماري وبائي صورت اختيار ڪري وئي، وڌيڪ 24 مريضن کي شهر جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو. خبر موجب ٽنڊوباگو ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڊائريا ۽ گيسٽرو وبائي شڪل اختيار ڪري وئي آهي. گذريل ڏينهن تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو ۾ 8 ڄڻن، جڏهن ته شهر جي مختلف نجي اسپتالن ۾ 16 ڄڻن سميت مجموعي طور 24 ڊائريا ۽ گيسٽرو جي مريضن کي داخل ڪرايو ويو آهي، جن ۾ معصوم سوهانه، مئيش، 30 سالن جي هوشيبا، 40 سالن جي مينا، 45 سالن جي پٺاڻي، 55 سالن جي حسنا کوسو، 50 سالن جي حبيب خاتون ۽ 45 سالن جي سڪينا ملاح ۽ ٻيا شامل آهن.