ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ڀرسان ڳوٺ غلام علي کوسو جي رهواسين کوسا برادري جي مرد ۽ عورتن پاران نصيرآباد پوليس جي زيادتين ۽ سندن 2 نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف غلام مصطفيٰ کوسو،صدام کوسو،سڄڻ کوسو،مسمات نصيبان، مائي حرمت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته هفتو اڳ 22 ورهي جي عرفان کوسو ۽ 15 ورهين جي ظهير کوسو کي نصيرآباد پوليس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي، پوليس نوجوانن کي آزاد ڪرڻ جا لکين روپيا طلب ڪري رهي آھي، هنن چيو ته س اسان کي خدشو آھي ته پوليس کين ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيندي، هنن گهر ڪئي ته نوجوانن کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.