کاهي (ن پ ا) کاهي ويجهو ڳوٺ چوڌري مهرالدين جٽ ۾ ڪورونا وبا سبب بند پيل سرڪاريءَ اسڪول جي عمارت ۾ ڳوٺ جي بااثرن بصر رکرائي ڇڏيا جنهن سبب پوريءَ عمارت اندر بدبءِ پيدا ٿي وئي. اهڙي اطلاع تي رپورٽنگ لاءِ ويل صحافين جي پهتل ٽيم کي دڙڪا ۽ داٻا ڏنا ويا. موبائل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن بعد مزدور گهرائي بصر اسڪول مان ٻاهر کڻايا ويا. رابطي تي ٽي او ايجيوڪيشن کپرو جي اسسٽنٽ حنيف سميجو ٻڌايو ته اسان تعليم کاتي کاهي تي مقرر فوڪل پرسن چنو مل ڪولهي کي اسڪول جي وزٽ تي موڪليو آهي، جيڪا رپورٽ ملندي اها مٿي اختيارين ڏانهن اماڻي ويندي.