ٽنڊوباگو(ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي ٽنڊوباگو جي ملازم ۽ پيپلزپارٽي ٽنڊوباگو سٽي جي نائب صدر محمد رفيق مڱڻهار پاران ٽائون ڪاميٽي انتظاميا پاران سندس پگهار بند ڪرڻ خلاف پنهنجي بيروزگار پٽن ۽ پوٽن سان گڏ ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان ٽائون ايڊمنسٽريٽر ۽ ٽي ايم او خلاف بک هڙتال دوران دانهون ڪيو. هن. روئيندي چيو ته آئون دل جي بيماري جو مريض آهيان، پگهار نه ملڻ ڪري گهر ۾ فاقا ڪشي جي ڪري ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن. برساتن سبب ماڻهو دربدر آهن جيستائين کيس پگهار نٿو ملي روز بک هڙتال ڪندس.